پاڪستان جو هر شهري 2 لک 80 هزار رپين جو قرضي ٿي ويو

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان جو هر شهري 2 لک 80 هزار رپين جو قرضي ٿي ويو. ملڪ ۾ اقتصادي سروي 24-2023ع موجب مالي  سال 2024ع ۾ سرڪاري قرض 67 هزار 525 ارب رپين تائين پهچي ويو، جيڪو ملڪ جي مجموعي ترقي اوسر (جي ڊي پي) جو 74.8 سيڪڙو آهي. عوامي قرض ان قرض ڏانهن اشارو ڪري ٿو جيڪو هڪ ملڪ پنهنجي ماڻهن ۽ ڪمپنين، شهرين ۽ ٻين ملڪن جي ڪمپنين يا ٻين حڪومتن کان وصول ڪري ٿو. اهڙن قرضن ۾ حڪومت جي اها ذميواري هوندي آهي ته اهي عوام جي آمدنيءَ مان واپس ڪري. سروي موجب مارچ 2024ع تائين ملڪ جو گهرو قرض 43 هزار 432 ارب رپيا ۽ پرڏيهي قرض 24 هزار 93 ارب رپين تائين پهچي ويو آهي.مالي سال 2024ع جي پهرين 9 مهينن دوران سرڪاري قرضن ۾ گذريل سال جي ساڳئي عرصي جي واڌ جي مقابلي ۾ 54 سيڪڙو گهٽتائي ٿي  جنهن جو بنيادي سبب تبادلي جي شرح ۾ استحڪام آهي.اقتصادي سروي موجب مالي سال 2024ع ۾ جولاءِ کان مارچ تائين سرڪاري قرض 4 هزار 644 ارب رپيا هو، جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي عرصي ۾ 10 هزار 5 ارب رپيا هو. پاڪستان جو هر شهري 2 لک 80 هزار رپين جو قرضي ٿي ويو، اقتصادي سروي موجب ملڪ تي مجموعي قرض 67 هزار 525 ارب رپيا ٿي ويو جنهن ۾ مقامي قرض 43 هزار 432 ارب رپيا آهي، سروي ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ تي ٻاهريون قرض 24093  ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو آهي، سروي مطابق ملڪ جو مجموعي قرض جي ڊي پي جو 71.8 سيڪڙو آهي، ملڪ جا ڪل ٻاهريان قرض جي ڊي پي جو 28.6 سيڪڙو آهن ملڪ جو مقامي قرض جي ڊي پي جو 46.2 سيڪڙو آهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.