اسلام آباد ( م ڊ ) مالي سال 24-2023ع جو معاشي سروي جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب ملڪ ۾ هڪ سال دوران گڏهن جي انگ ۾ اضافو ٿيو آهي، اقتصادي سروي موجب هڪ سال دوران گڏهن جي انگ ۾ هڪ لک جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو.سروي موجب ملڪ ۾ گڏهن جو انگ 59 لک تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته گذريل مالي سال ملڪ ۾ گڏهن جو انگ 58 لک هو ۽ 22-2021ع ۾ گڏهن جو انگ 57 لک هو. اقتصادي سروي موجب ٻن سالن دوران گڏهن جي انگ ۾ 2 لک جو اضافو رڪارڊ ٿيو آهي، هڪ سال ۾ گهوڙن جو تعداد نه وڌيو ۽ ملڪ ۾ گهوڙن جو انگ 4 لک رڪارڊ ڪيو ويو، اقتصادي سروي موجب هڪ سال دوران اُٺن جو انگ به نه وڌيو آهي، جڏهن ته ٻڪرين ۽ ڇيلن جي انگ ۾ 2 ڪروڙ 2 لک ۽ رڍن جي انگ ۾ هڪ سال ۾ 40 لک جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي.