واشنگٽن ( م ڊ) عالمي بينڪ پاڪستان لاءِ هڪ ارب ڊالرز قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. عالمي بينڪ طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، داسو ڊيم لاءِ هڪ ارب ڊالرز واڌو فنڊنگ جي منظوري ڏني وئي آهي. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته عالمي بينڪ جي ايگزيڪٽو بورڊ طرفان داسو ڊيم لاءِ فنڊنگ جي منظوري ڏني وئي، فنڊز داسو هائيڊرو منصوبي جي فيز ون تي خرچ ڪيا ويندا. عالمي بينڪ موجب، منصوبي سان بجلي جي سپلاءِ ۾ بهتري ۽ واڌ ٿيندي، منصوبي سان عوام کي سماجي ۽ معاشي سهولتن تائين رسائي ٿيندي. عالمي بينڪ ٻڌايو ته داسو هائيڊرو منصوبو پاڪستان لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو، منصوبي ۾ سستي بجلي پيدا ٿيندي. عالمي بينڪ موجب، منصوبو مڪمل ٿيڻ تي 4320 ميگا واٽ کان 5400 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي.