اسلام آباد (م ڊ) عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه سينيٽرايمل ولي خان چيو آهي ته هي عوام جي سينيٽ ناهي، ربڙ اسٽيمپ آهي. رٻڙ اسٽيمپنگ جي ڪردار کي ختم ڪريو. سينيٽ اجلاس ۾ ڳالهائيندي سينيٽر ايمل ولي خان وڌيڪ چيو ته 95 سيڪڙو ايوان کي خبر ئي ناهي ڪهڙا ڪهڙا قانون پاس ٿيا آهن، ڪميٽين جي ورهاست پاڻمرادو ڪئي وئي، ڪنهن فيصلي تي مشاورت نه ڪئي وئي،هن چيو ته چمن ۾ ڌرڻو جاري آهي سڀني کي خبر آهي ته انهن جا ڪهڙا مسئلا آهن، ايوان ان مسئلي تي پنهنجو ڪردار ادا ڪري، هن چيو ته مالاڪنڊ يونيورسٽي ۾ شاگرد کي توهين مذهب جي الزام ۾ ڪڍيو ويو ،هن جي فيڪ آءِ ڊي تان توهين واري پوسٽ رکي وئي، پي ٽي آءِ سينيٽر علي ظفر چيو ته سينيٽ ۾ به فارم 47 وارو ڪم ٿيڻ لڳو آهي، اڄ پارليامينٽ ۾ بحران نظر اچي رهيو آهي هن چيو ته اسان جيڪا ڪميٽي گهري هئي ۽ روايت موجب اسان کي وٺڻي هئي اها حڪومت کڻي وئي هن چيو ته هن ڀيري ڪميٽيون ڪمپيوٽر ذريعي ڏنيون ويون آهن، هڪ پارٽي جا 4، 4 ماڻهو هڪ ڪميٽي ۾ آيا آهن، اسان انهن ڪميٽين کي نه ٿا مڃون، سينيٽر علي ظفر چيو ته اپوزيشن کانسواءِ ڪميٽي ڪيئن ڪم ڪندي؟ جيڪڏهن توهان هائوس ڪميٽي کان سواءِ هلائي سگهو ٿا ته پوءِ هلايو،وفاقي وزير صنعت ۽ پيداوار راڻا تنوير چيو آهي ته پاڪستان اسٽيل ملز کي نجڪاري لسٽ مان هٽائي ڇڏيو آهي، ڇو ته ان جي نجڪاري نه پئي ٿئي، اسٽيل مل هاڻي سنڌ حڪومت کي ڏني وئي آهي اهي ئي هلائيندا