پرڏيهين کي 53 هزارکان وڌيڪ شڪي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ٿيڻ جو انڪشاف

پشاور (م ڊ) سموري ملڪ ۾ غيرقانوني طور تي ترسيل  پرڏيهين جي خلاف ڪارروائي جي دوران 53 هزار کان وڌيڪ شڪي ڪمپيوٽرائزڊ قومي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. وفاقي گهرو وزارت طرفان ڪيل جاچ ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته پاڪستان مان غيرقانوني پرڏيهين جي ملڪ واپسي شڪي سڃاڻپ ڪارڊ تي خيبرپختونخواهه ۾ 595 گاڏيون رجسٽرڊ ٿيون جن مان ساڍا 7 هزار جعلي سڃاڻپ ڪارڊ رکندڙن جي خلاف ڪيسز تيار ڪيا ويا آهن جن جا موبائل فون سم ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ ۽ انهن جي ملڪيتن ۽ ڪاروبار جي نشاندهي ڪري انهن کي واپس اماڻڻ سميت انهن جي خلاف قانوني ڪارروائي جي هدايت ڪئي وئي آهي.اهڙي طرح پرڏيهين جي نالي تي 349 بي نامي ملڪيتن ۽ ڪاروبار جو به انڪشاف ٿيو آهي جنهن جي جاچ لاءِ ايف بي آ کي خط لکيو ويو آهي. گهرو وزارت پرڏيهي غيرقانوني تاجڪ جي رهواسين کي به واپس اماڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي جڏهن ته افغان مدرسن جي شاگردن جي باري ۾ به غور ڪيو پيو وڃي. ان کان علاوه گهرو وزارت خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ افغانين جي نالي تي 2343 شڪي بينڪ اڪائونٽس جي جاچ مڪمل ڪري ورتي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.