شگر ايڊوائيزري بورڊ کنڊ ايڪسپورٽ جي اجازت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (م ڊ) شوگر ايڊوائيزري بورڊ شگر مل مالڪن جي درخواست تي کنڊ برآمد ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.ذريعن موجب وفاقي حڪومت اضافي کنڊ جي برآمد جي اجازت ڏيڻ لاءِ تياري ڪري ورتي آهي ۽ پهرين مرحلي ۾ ڏيڍ لک ميٽرڪ ٽن کنڊ برآمد ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته کنڊ جي برآمد جي سمري جلد اي سي سي ۾ جمع ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، وڌيڪ کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جو فيصلو مارڪيٽ ۾ کنڊ جي اگهن کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويندو.

  1. لکي مروت ۾ شهيد جوانن جي جنازي نماز ادا، وزيراعظم جي شرڪت

پشاور (م ڊ) خيبرپختونخواهه جي ضلعي لکي مروت ۾ بارودي سرنگ جي ڌماڪي ۾ شهيد جوانن جي جنازي نماز ادا ڪئي  وئي.آءِ ايس پي آر موجب ڪيپٽن محمد فراز الياس، صوبيدار ميجر محمد نذير، لانس نائيڪ محمد انور جي جنازي نماز بنون ۾ ادا ڪئي وئي. لانس نائيڪ حسين علي، سپاهي اسدالله، سپاهي منظور حسين ۽ سپاهي راشد محمود جي جنازي نماز به ادا ڪئي وئي. جنهن کان پوءِ ڪيپٽن الياس فراز جو مڙهه ان جي اباڻي علائقي چوٽيان پهچايو ويو. جتي جنازي نماز ۾ وزيراعظم شهباز شريف، وفاقي وزير، عسڪري اختيارين، ڪور ڪمانڊر پشاور، حاضر سروس آفيسرن جوانن ۽ عوام جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. وزيراعظم ڪيپٽن فراز الياس جي ڳوٺ جو نالو شهيد جي نالي سان جوڙڻ جو اعلان به ڪيو. حملي ۾ شهيد ٿيندڙ ٻين آفيسرن ۽ جوانن جا مڙهه ان جي اباڻي علائقن طرف روانا ڪيا ويا آهن جتي انهن کي فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.