نصيرآباد ۾ وڌندڙ بدامني تي ضابطو نه آيو، شھري اتحاد پاران مشعل بردار احتجاجي ريلي

نصيرآباد(ن ع آ) نصيرآباد ۾ وڌندڙ بدامني خلاف سجاڳ شھري اتحاد پاران مشعل بردار احتجاجي ريلي. خبر موجب نصيرآباد ۾ وڌندڙ بدامني خلاف سجاڳ شھري اتحاد جي سڏ تي مختلف سياسي سماجي ڌرين ۽  شھرين آصف ڪاٺيو ، ديدار کوکر ۽ حميد انقلابي جي اڳواڻي ۾ پوسٽ آفيس کان فاضل راهو چوڪ تائين مشعل بردار احتجاجي  ريلي ڪڍي. ۽ پوليس خلاف زوردار نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت ھٿ وٺي شھر جو امن امان خراب ڪيو ٿو وڃي، دڪانن جا تالا ٽوڙي چوريون ڪرڻ معمول بڻجي ويون آھن، پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو ۽ ڇوٽ ڏئي ڇڏي آھي. ھنن چتو ته ايس ايڇ او ذاڪر حسين سانڊارڻو طرفان ڪيل واعدا ڪوڙا ثابت ٿيا جنهن ۾ ھن چيو هو ته شھرين جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪندس ۽ چوري ٿيل سامان ۽ ڦر ٿيل موٽر سائيڪلون جلد واپس ڪرائيندس اسين چئون ٿا ته هي چور پوليس جي ڊرامي بازي بند ڪئي وڃي،  ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

nasirabad protest lawandorder

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.