ايم اين اي جي پيرن ۾ ويهندڙ آفيسر ميرپورماٿيلو ٿاڻي تي ايس ايڇ او مقرر

گهوٽڪي ( ويب ڊيسڪ)  سوشل ميڊيا تي هڪ تصوير وائرل ٿي آهي جنهن ۾ هڪ اي ايس آئي رضا بلو کي ايم اين اي جي پيرن ۾ ويٺل ڏسي سگهجي ٿو، جنهن کي ميرپورماٿيلو ٿاڻي تي ايس ايڇ او مقرر ڪيو ويو آهي، اي  ايس آئي رضا بلو جي اهڙي تصوير وائرل ٿيڻ سوشل ميڊيا تي پوليس مٿان تنقيد ڪئي پئي وڃي ۽ اي ايس آئي رضا بلو کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي. هوڏانهن سياسي سماجي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ايم اين اي جي پيرن ۾ ويهندڙ پوليس عملدار عوام کي ڪهڙو انصاف فراهم ڪندو؟، هنن مطالبو ڪيو آهي ته ترت رضا بلو کي هٽائي ڪو ايماندار ۽ فرض شناس ايس ايڇ او مقرر ڪيو وڃي.

SHO GhotkiPolice Sindhpolice

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.