شهيد نصرالله گڏاڻي ڪيس، جوابدار ۽ سهولتڪار پڪڙ کان آجا

گهوٽڪي (رپورٽ:آزاد مهر)شهيد نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس، جوابدار برڪت لنڊ ۽ سھولتڪار عبدالله لنڊ گرفتار نه ٿيا، پوليس گرفتار جوابدار  اصغر لنڊ کي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، جوابدار کي پوليس سڃاڻپ لاءِ اي ٽي سي ڪورٽ ميرپورماٿيلو وٺي وئي، شهيد جي ڪيس جي فريادي شهيد جي والده مسمات پٺاڻي به عدالت پهچي وئي، شهيد جي والده جوابدار کي سڃاڻي ورتو، ٻئي پاسي ميرپورماٿيلو جي شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل ۾ گرفتار مک جوابدار اصغر لنڊ کي اي ٽي سي ڪورٽ ميرپورماٿيلو جي عدالت ٽن ڏينهن جو رمانڊ ڏئي ڇڏيو آهي، هوڏانهن سيڪنڊ سول جج ۽ فرسٽ مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ جوابدار جي سڃاڻپ ٿي گذري، جڏهن ته ٻيهر حاضري 13 جون تي مقرر ڪئي وئي آهي، ٻئي طرف پوليس شهيد صحافي نصرالله ڪيس ۾ گهربل جوابدار برڪت لنڊ ۽ سھولتڪار عبدالله لنڊ کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي

شهيد نصرالله کي حق جو آواز دٻائڻ لاءِ قتل ڪيو ويو: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار راڄپر) : عوامي آواز ميڊيا گروپ  جي شهيد ٿيل رپورٽر نصرالله گڏاڻي جي وارثن  لاءِ مالي امداد طور هڪ ڪروڙ جو چيڪ نصرالله گڏاڻي جي  ڀاءُ  محمد بخش گڏاڻي کي ڪراچي پريس ڪلب ۾ ڏنو ويو. ان موقعي تي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ، ماس ٽرانزٽ، ايڪسائيز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيڪ ڏيندي چيو ته  اسان ڏکارا آھيون ته سنڌ جي صحافي نصرالله گڏاڻي کي شهيد ڪيو ويو، اهو افسوسناڪ واقعو آهي ۽ ھي واقعو ان سوچ جي ڪڙي آھي جيڪا صحافت جي آزادي  کي دٻائڻ چاهي ٿي، هن چيو ته گهوٽڪي پوليس ۽ ڊي آءِ جي سکر جي ڪوششن سان شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل ڪيس ۾ ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جيڪو بھ ان ڏوھھ جو ڏوھاري ھوندو  ان کي بخش نه ڪيو ويندو، ڪيس جي شفاف جاچ ڪئي ويندي ۽ ان حوالي سان ميڊيا کي باخبر رکيو ويندو. اڄ شهيد صحافي جي وارثن کي امدادي چيڪ ڏئي رهيا آهيون، پئسو ڪنهن جي زندگي جو نعم البدل نٿو  ٿي سگهي، اسان کي شهيد جي گھرڀاتين سان دلي همدردي آهي ۽ سنڌ جي وڏي وزير جي هدايت تي شهيد صحافي جي وارثن کي هڪ ڪروڙ رپين جو امدادي چيڪ ڏنو آهي.. هي هڪڙي عظيم مقصد  سان سچائي  آهي، سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته شهيد نصرالله گڏاڻي جي قتل جو جيڪو به ذميوار هوندو ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. شرجيل انعام ميمڻ سنڌ سرڪار طرفان شھيد صحافي  نصرالله گڏاڻي جي گھر ڀاتين لاءِ ھڪ ڪروڙ رُپين جو امدادي چيڪ سندس ڀاءُ محمد بخش گڏاڻي حوالي ڪيو .

 

JusticeforNasrullaGadani Sharjeelmemon Sindhgovt

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.