وزيراعظم دوري ۾ چين کي پرچائڻ ۾ ڪامياب يا ناڪام؟

اسلام آباد/ لاهور( تجزيو: مبشر لقمان): وزيراعظم شهباز شريف جو چيف آف آرمي اسٽاف جنرل آثم منير جي گڏ هوندي به چين جو دورو ناڪام ثابت ٿيو آهي، وزيراعظم ۽ ان جي ٽيم جو چين جي سرڪار سان پاڪستان ۾ چين حڪومت ۽ چين جي ڪمپنين پاران شروع ڪيل منصوبن جي هن وقت تائين مڪمل نه ٿيڻ ۽ انهن جي ناڪاميءَ متعلق به انهن کان ڪو به سوال جواب نه ڪرڻ ۽ منصوبن جي مڪمل ٿيڻ ۾ دير جو نقصان پاڪستان جي کاتي ۾ وجهڻ تي به چين سرڪار سان ڪابه ڳالهه ٻولهه نه ڪرڻ به دوري جي ناڪاميءَ جو ثبو آهن. اهڙو اظهار نامياري صحافي مبشر لقمان پنهنجي ولاگ ۾ ڪيو آهي، هُن جو چوڻ آهي ته چين جو پاڪستان تي ٽڪي جو به اعتبار نه آهي ۽ چين سرڪار پاڪستان ۾ وڌيڪ ڪابه سيڙپڪاري ڪرڻ نه ٿي چاهي، چين جو چوڻ آهي ته پاڪستان توانائيءَ جي شعبي ۾ چين جو 450 ارب ڊالرز جو مقروض آهي جيستائين  پاڪستان اهي پئسا واپس نه ٿو ڪري تيستائين چين پاڪستان ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري نه ڪندو، چين سرڪار جو قانون آهي ته جيستائين چين حڪومت جي انشورنس ڪمپني سائنو چين حڪومت کي اجازت نه ڏيندي آهي تيستائين چين سرڪار هڪ ڊالر جي به سيڙپڪاري ڪري نه ڪندي آهي، چين سرڪار هن وقت تائين پاڪستان جي جن به هائڊرو پاور ۽ ڊيم جي منصوبن ۾ ڪم ڪيو آهي انهن مان اڄ تائين هڪ به مڪمل ٿي نه سگهيو آهي، جڏهن ته انهن جي وقت سرمڪمل نه ٿيڻ سان پاڪستان روزاني جي بنياد تي اربين روپين جو نقصان برداشت ڪري رهيو آهي. هُن جو چوڻ آهي ته شهباز شريف سان هن دوري ۾ جنرل آثم منير به گڏ هيو، جيڪو جهڙوڪر صنعتن ۽ واپار جي وفاقي وزير جي نمائندگي ڪري رهيو هو ته سوال هي ٿو پيدا ٿئي ته اهي ڇا ڪري رهيا هيا، نائب وزيراعظم ڇا ڪري رهيو هو، خزاني، صنعتن ۽ واپار وارا وزير ۽ سيڪريٽري ڇا ڪري رهيا هيا،جنرل آثم منير جي وزيراعظم سان گڏ هوندي به جيڪڏهن دورو ڪامياب نه ٿئي ته پوءِ اهڙي دوري کي ناڪام ئي چئي سگهجي ٿو. پاڪستان جو وفد چيني ڪمپنين ۽ حڪومت آڏو اهو به احتجاج ڪري نه سگهيا ته نيلم جهلم ۽ داسو ڊيم جتي تعميراتي ناڪامي ٿيون آهن انهن کي آخر ڪار چين جون ڪمپنيون ڪڏهن درست ڪنديون ۽ انهن جي دير ٿيڻ سان پاڪستان کي جيڪو نقصان ٿي رهيو آهي اهو ڪير ڀريندو. احسن اقبال ۽ وزيراعظم کي عوام کي ٻڌائڻ گهرجي ته هُن دوري دوران ڇا حاصل ڪيو آهي، رڳو ايم او يوز صحي ڪرڻ سان ڪوبه منصوبو عملي جامعو پائي نه ٿو سگهي ان کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪمپنين کي ڪم ڪرڻو پوندو جيڪو نه پيو ٿئي، سوال هي آهي ته ملڪ کي رڳو فائدو معاهدن ڪرڻ سان نه ٿيندو، جيستائين چين سان زراعت ۽ صنعتن جي شعبن ۾ منصوبا مڪمل نه ٿيندا ۽ انهن ۾ پيدا ٿيل شيون برآمدي واپار ذريعي پرڏيهه جي ملڪن ۾ وڪڻي ناڻو نه ڪمائبو تيستائين ملڪ جي ڪابه ترقي نه ٿيندي، ۽ چين سرڪار سان جيڪي به معاهدا ٿيا آهن انهن مان هن وقت تائين هڪڙو به منصوبو مڪمل نه ٿي سگهيو آهي جيڪو اپت ڏيندو هُجي، وزير اعظم کي اها ڳالهه به ياد رکڻ گهرجي ته چين سرڪار سان ڪافي اهڙا منصوبا به ڳالهه ٻولهه هيٺ آهن جن مان اڪثر ڪري سنڌ، بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه ۾ آهن ۽ وزيراعظم جي چين جي دوري تي انهن صوبن جا وزيراعلى شامل نه هيا، جڏهن ته انهن منصوبن تي انهن کي ئي صحيون ڪرڻون آهن ته اهڙي صورت ۾ اهي ڪهڙا منصوبن آهن جيڪي احسن اقبال، چيف آف آرمي اسٽاف آثم منير ۽ وزيراعظم شهبار شريف ڪري آيا آهن، حڪومت کي چين جي دوري جا تفصيل ۽ حاصلا ت متعلق عوام کي آگاه ڪرڻ ضروري آهي ۽ حڪومت کي ضروري طور تي عوام کي ڪرڻ گهرجي، باقي هڪ ناڪام دوري کي ڪامياب ڪري پيش ڪرڻ سان ڪوبه دورو ڪامياب ٿي نه سگهندو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز،  اڱارو 11 جون 2024ع تي شايع ٿيو

PMShehbazSharif VistChina Pakgovt

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.