لڪي مروت ۾ فوجي گاڏي تي حملو، ڪيپٽن سميت 7 فوجي شهيد

راولپنڊي (م ڊ) خيبر پختونخواهه جي ضلعي لڪي مروت ۾ پاڪ فوج جي گاڏي کي نشانو بڻايو ويو، جنهن ۾ ڪيپٽن سميت 7 فوجي شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب لڪي مروت ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي کي آءِ اي ڊي سان نشانو بڻايو ويو، ڌماڪي ۾ ڪيپٽن محمد فراز الياس، صوبيدار ميجر محمد نذير، لانس نائيڪ محمد انور، لانس نائيڪ حسين علي شهادت ماڻي. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته شهيد ٿيندڙن ۾ سپاهي اسد الله، سپاهي منظور حسين ۽ سپاهي راشد محمود به شامل آهن. پاڪ فوج جي ترجمان اداري موجب علائقي ۾ موجود دهشت گردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي، دهشتگردن کي انجام تي پهچايو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.