پي ٽي آءِ اجلاس ۾ عليمه خان ۽ گنڊاپور وچ ۾ تلخي

اسلام آباد(عمران شفقت+معظم فخر) پي ٽي آءِ لنڊن ۽ ٽورنٽو ۾ عمران خان جي حق ۾ ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير جي خلاف مظاهرا ڪيا آهن،پاڪ انڊيا ميچ دوران نيويارڪ جي ٽائم اسڪوائر ۾ به مظاهري جو اعلان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته عدليه ۾ عمران خان جي حامي ججن کي سنڀالڻ لاءِ ايمرجنسي پلس صورتحال تي غور ويچار ٿي رهيو آهي، باخبر ذريعن موجب ٿي سگهي ٿو ته ڪا پي سي او طرز تي شئي سامهون اچي وڃي، هوڏانهن پي ٽي آءِ اندر بي چيني وڌي رهي آهي، هڪ زوم ميٽنگ ۾ ڪي پي جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور چوي ٿو ته  عمران خان اسان کي سڏ ڏئي ته اسان گهروارن کي ٻڌائي نڪرون ته هاڻي اسان جا لاش  ايندا يا نئون پاڪستان بڻائي موٽنداسين، جڏهن ته عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان جو موقف آهي ته عمران خان سڏ نه ڏيندو توهان کي پاڻ نڪرڻو پوندو ،آن لائن ميٽنگ ۾ عليمه خان علي امين گنڊاپور تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چوي ٿي ته توهان عمران خان کي جيل مان ڪڍڻ لاءِ سنجيده نظر نه پيا اچو،عمران خان مٿان هڪ ٻئي مٿان ڪيس ٺهي رهيا آهن ۽ سياسي ميدان ۾ پارٽي ان جو دفاع ڪرڻ لاءِ نظر نه پئي اچي،ان ميٽنگ ۾ عليمه خان جو لهجو سخت هو،عليمه خان چيو ته عمران خان کي ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو ته هن جون ڀينرون ۽ ٻيا گهر ڀاتي اڊيالاجيل آڏو ڌرڻو هڻندا ۽ اتي ان وقت تائين ويٺل رهندا جيستائين پاڪستان جو عوام ساڻن گڏ اچي نٿو ويهي،اجلاس ۾ عليمه خان جي اٿاريل سوالن جو علي امين گنڊاپور کان علاوه ڪو ٻيو جواب نه هو،علي امين گنڊاپور ٽڪيٽن جي ورڇ تي عليمه خان جي ڪردار تي به سوال اٿاريا.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 10 جون 2024ع تي شايع ٿيو

PTI ImranKhan Aleema Khan CMKPK Ali Amin gandapur

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.