بينظير انڪم سپورٽ لاءِ بجيٽ ۾ 593 ارب رپيا رکڻ جو امڪان

اسلام آباد (م ڊ) آءِ ايم ايف جي مطالبي تي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي لاءِ ايندڙ بجيٽ ۾ رڪارڊ 593 ارب رپيا رکڻ جو امڪان  آهي. حڪومتي ذريعن موجب آءِ ايم ايف سان ٿيندڙ ڳالهين جي روشني ۾ گڏيل طور تي 593 ارب جي رقم کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي. آءِ ايم ايف ايندڙ مالي سال جي لاءِ تقريبن 518 ارب روپين جي شروعاتي رقم مان مطمئن نه هو. ايندڙ بجيٽ لاءِ مقرر ڪيل رقم هلندڙ مالي سال کان 121 ارب روپيه يا 26 سيڪڙو وڌيڪ آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته 593 ارب روپيه رکڻ جو مقصد روڪ معاوضي کي وڌائڻ ۽ ان مان فائدو کڻندڙن جي فهرست ۾ وڌيڪ ماڻهن کي شامل ڪرڻ آهي. هلندڙ مالي سال بي آءِ ايس پي ڪفالت پروگرام ۾ 3 لک خاندانن کي داخلا ڪئي وئي آهي جنهن کان پوءِ ٽوٽل انگ 5.3 ملين ٿي ويو آهي. ايندڙ مالي سال ۾ فائدو کڻندڙن جو انگ 9.6 ملين مان 9.7 ملين ڪرڻ جي تجويز آهي. ٽه ماهي معاوضي کي 10.500 روپين مان وڌائي 13 هزار روپيه ڪرڻ جي تجويز آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.