عمران جو هٺ، نواز شريف ۽ هو هڪ پيج تي نه آيا

اسلام آباد(گوهر بٽ ) پاڪستان هڪ سيڪيورٽي اسٽيٽ آهي، اسان سڀني جي خواهش آهي ته پاڪستان هڪ ويلفيئر اسٽيٽ ٿئي،  پر اڃان تائين پاڪستان ويلفيئر اسٽيٽ ٿي نه سگهيو آهي، قائداعظم محمد علي جناح، ذوالفقار علي ڀٽي، نواز شريف ۽ عمران خان جي به ڪوشش رهي ته پاڪستان کي هڪ ويلفيئر اسٽيٽ بڻايو وڃي، پر شهباز شريف جي دور ۾ جيڪي ڪوششون ٿي رهيون آهن انهن مان اها اميد پيدا ٿي رهي آهي ته پاڪستان هڪ ويلفيئر اسٽيٽ ٿي سگهي ٿو، اهڙو اظهار نامياري اينڪر ۽ صحافي گوهر بٽ پنهنجي ولاگ ۾ ڪيو آهي، هن اهڙو اظهار وزيراعظم شهباز شريف جي چين جي دوري جي پس منظر ۾ ڪيو آهي، سندس چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي 80- ڄڻن جي وفد سان چين جي دوري تي آهي جڏهن ته چيف آف آرمي اسٽاف عاصم منير پڻ چين جي دوري تي آهي. اميد ته سي پيڪ منصوبي جي ٻئي مرحلي ۾ چيني سرمائيڪار تقريبا 32- ارب ڊالرز جي سرمائيڪاري ڪندا جنهن سان ملڪ جي معاشي ۽ اقتصادي صورتحال تبديل ٿي سگهي ٿي، اهڙي صورتحال دوران مسلم ليگ ن جي اڳوان نواز شريف جو چوڻ آهي ته هو تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمران خان سان ملاقات ڪري سگهي ٿو، ان ۾ ڪو به نقصان نه آهي، سندس اهڙي اظهار کي ملڪ جي سياسي حلقن عمران خان ۽ نواز شريف کي هڪ پيج تي قرار ڏنو پر اڃان تائين اهڙي صورتحال جڙي نه سگهي آهي. تحريڪ انصاف جو اڳواڻ عمران خان ڪنهن به سياستدان سان ملڻ لاءِ تيار نه آهي، کيس اسٽبلشمينٽ ۽ سگهارن ادارن پاران پڻ اها راءِ ڏني وئي آهي ته هو سياستدانن سان ڳالهيون ڪري پر عمران خان جو چوڻ آهي ته هو سواءِ اسٽيبلشمينٽ جي ٻئي ڪنهن سان به ڳالهيون نه ڪندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.