سنڌ جو شعور ڀوتارن ۽ سردارن جو مڪروه چهرو ڏسي چڪو آهي: ام رباب چانڊيو

دادو(رپورٽ: غوث جهتيال) دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ سنڌ جي مظلوم نياڻي ام رباب چانڊيو جي 3 گھر ڀاتين ڪرم الله چانڊيو، مختيار چانڊيو ۽ قابل چانڊيو جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، مخالف ڌر جا وڪيل مڪمل نه اچڻ ڪري ٻڌڻي 22 جون 2024 تائين ملتوي ڪئي وئي، عدالت ٻاهران ام رباب چانڊيو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ اسان جو ڪيس هلي نه سگهيو آهي ان جي وجهه اها آهي ته مخالف ڌر جو هڪ وڪيل نه پهچي سگهيو جنهن ڪري اڄ ڪيس ملتوي ٿي ويو، ڪيس جو آءِ او جو بيان ٿيڻو هو مخالف ڌر جو وڪيل نه هجڻ ڪري ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ٿي وئي، ام رباب چانڊيو وڌيڪ چيو ته سنڌ جي شعور ڀوتارن ۽ سردارن جو مڪروه چهرو ڏسي چڪو آهي ۽ اسان ساهه جي آخري هڏڪي تائين وڙهنداسين اسان هنن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته سرداري نظام جي خلاف جيڪا بغاوت پيدا ٿي آهي هاڻي توهان جي جان ڇٽڻ واري نه آهي انشاءَالله فتح حق سچ جي ٿيندي، شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل واقعي جي جيتري مذمت ڪجي اوتري گهٽ آهي سنڌ جو شعور سرداري نظام کي چئلينج ڪري چڪو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.