نواز شريف قسم کڻي چئي هن چونڊون کٽيون، اسان سڀ ڪجهه ڇڏيون ٿا:اسد قيصر

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر چيو آهي ته اسان مينڊيٽ چوري ٿيڻ تي سپريم ڪورٽ ۾ رٽ داخل ڪرائڻ وڃي رهيا آهيون، هن وڌيڪ چيو ته نواز شريف کي لاهور ۾ شڪست ملي آهي هو قسم کڻي چئي هن چونڊون کٽيون آهن ته اسان سڀ ڪجهه ڇڏڻ لاءِ تيار آهيون . هن وڌيڪ چيو ته حڪومت سمجهي ٿي ته اسان خاموش ويٺا آهيون پر اسان خاموش ناهيون ويٺا پنهنجون تياريون ڪري رهيا آهيون ۽ کين سرپرائز ڏينداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.