پاڪستان چين ۽ آمريڪا ۾ اقتصادي پل بڻجي سگهي ٿو: مسعود خان

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا ۾ مقرر پاڪستاني سفير مسعود خان چيو آهي ته پاڪستان چين ۽ آمريڪا وچ ۾ اقتصادي  پل جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. ورلڊ افيئر ڪائونسل نيو هيمپشائر جي پوڊ ڪاسٽ ۾ گفتگو ڪندي مسعود خان چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا سميت سڀني قومن جو گڏيل هدف خطي ۾ امن ۽ سلامتي آهي، ڀارت جي ترجيح به پرامن پاڙو هجڻ گهرجي. هن چيو ته آمريڪا ۽ چين طرفان دوستاڻن لاڳاپن جي فضا جاري رکڻ سان ٻنهي ملڪن ۽ دنيا کي فائدو ٿيندو، جڏهن ته پاڪستان ان سلسلي ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي پل جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. سندس چوڻ هو ته پاڪ – آمريڪا اقتصادي ڀائيواري گڏيل آهي ۽ اسان پنهنجي لاڳاپن کي اقتصادي ۽ دفاعي ميدانن ۾ استعمال ڪرڻ چاهيون ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.