واشنگٽن ( م ڊ ) گڏيل قومن غزا ۾ ٻارن جي انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين تي اسرائيل کي بليڪ لسٽ ڪري ڇڏيو.عرب ميڊيا موجب گڏيل قومن جي بليڪ لسٽ ۾ روس، افغانستان، صوماليا، شام، يمن، داعش ۽ بوڪو حرام به شامل آهن، جڏهن ته گڏيل قومن جي رپورٽ جون جي آخر تائين شايع ڪئي ويندي.پرڏيهي خابرو اداري موجب اسرائيلي وفد ان فيصلي کي شرمناڪ قرار ڏيندي چيو ته کيس باضابطا طور تي فيصلي کان آگاهه ڪيو ويو. واضح رهي ته ٻارن خلاف ڏوهن جي عالمي لسٽ ٻارن ۽ هٿياربند تڪرار بابت رپورٽ جو حصو آهي جيڪا 14 جون تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ پيش ڪئي ويندي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي رپورٽ سيڪيورٽي ڪائونسل کي ٻارن جي قتل، معذوري، جنسي زيادتي، اغوا، ٻارن کي امداد تائين رسائي کان انڪار ۽ اسڪولن ۽ اسپتالن ۾ امداد تائين رسائي کان انڪار ڪرڻ تي مشتمل آهي. مٿي ڏنل فهرست ٻن حصن تي مشتمل آهي، پهرين حصي ۾ اهي ملڪ ۽ پارٽيون شامل آهن جن ٻارن جي حفاظت لاءِ قدم کنيا آهن، جڏهن ته ٻئي حصي ۾ اهي ملڪ ۽ پارٽيون شامل آهن جيڪي ائين ڪرڻ ۾ ناڪام ويون آهن. گڏيل قومن ۾ اسرائيل جي مستقل نمائندي موجب کيس ٻڌايو ويو آهي ته اسرائيلي فوج کي انهن ملڪن ۽ پارٽين جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو آهي جيڪي ٻارن جي حفاظت لاءِ مناسب قدم کڻڻ ۾ ناڪام ويا آهن. پرڏيهي خابرو اداري موجب فوري طور تي اهو واضح ناهي ڪيو ويو ته اسرائيلي فوج تي ڪهڙي خلاف ورزي جو الزام لڳايو ويو آهي.