پي ٽي آءِ سان ڳالهيون هلن پيون:فضل الرحمان

اسلام آباد( بيورو+م ڊ )  جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پي ٽي آءِ سان ڳالهيون هلي رهيون آهن، هو انڪار نٿو ڪري.تحريڪ تحفظ جي پاڪستان جي آئين ۾ شموليت بابت سوال جو جواب ڏيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اهو سوال مون پهريون ڀيرو نه ٻڌو آهي، توهان پهريون ڀيرو نه ڳالهائي رهيا آهيو.هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف سان ڳالهيون هلي رهيون آهن، ان کان انڪار ناهي، جيڪڏهن ڪو فيصلو هجي ها ته اوهان تائين پهچي وڃي ها. جي يو آءِ سربراهه چيو ته جڏهن فيصلا ٿيندا ته دنيا کي خبر پوندي ۽ پوءِ پڇڻ جي ضرورت نه پوندي، نواز شريف جڏهن ملڻ چاهي ته ڪو مسئلو ناهي.گاريون نه ڏنيون پر گاريون برداشت ڪيون .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.