واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ مقرر پاڪستاني سفير مسعود خان چيو آهي ته پاڪستان چين ۽ آمريڪا وچ ۾ اقتصادي پل جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.
ورلڊ افيئر ڪائونسل نيو هيمپشائر جي پوڊ ڪاسٽ ۾ گفتگو ڪندي مسعود خان چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا سميت سڀني قومن جو گڏيل هدف خطي ۾ امن ۽ سلامتي آهي، ڀارت جي ترجيح به پرامن پاڙو هجڻ گهرجي.
هن چيو ته آمريڪا ۽ چين طرفان دوستاڻن لاڳاپن جي فضا جاري رکڻ سان ٻنهي ملڪن ۽ دنيا کي فائدو ٿيندو، جڏهن ته پاڪستان ان سلسلي ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي پل جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.
سندس چوڻ هو ته پاڪ – آمريڪا اقتصادي ڀائيواري گڏيل آهي ۽ اسان پنهنجي لاڳاپن کي اقتصادي ۽ دفاعي ميدانن ۾ استعمال ڪرڻ چاهيون ٿا.
pakistan usa china