حيدرآباد(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ عظيم مفڪر، ڏاھي، دانشور، ليکڪ، قانوندان، چوٽي جي مقرر، سياستدان ۽ استاد رسول بخش پليجي جي ڇھين ورسي سڄي سنڌ جي مختلف شھرن ۾ پروگرام کي ملھائي، تصويرن آڏو گل نڇاور ڪري زبردست ڀيٽا پيش ڪئي، ان سلسلي۾ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو جي اڳواڻي ۾ فرحان لاڙڪ، شوڪت تنيو، اشفاق چنڙ، منان شيخ، مقصود سومرو، ايڊووڪيٽ زاھد ڀنڀرو، شوڪت تنيو، مقصود جھتيال، ياسر جاکرو، ممتاز شيخ، بشير الله سمون ۽ ٻين ٺٽي ۾ جنگشاھي ڀرسان ڳوٺ منگر خان پليجو پھچي عظيم مفڪر استاد رسول بخش پليجو جي مزار تي گلن جي چادر چاڙھي سلامي پيش ڪئي. نصيرآباد جي شاھ لطيف پبلڪ پارڪ ۾ جلسو ٿيو، ڪنڌڪوٽ، ڄام صاحب، ڊگھڙي، ٺٽو، گلشن حديد، مٽياري، ميھڙ، شڪارپور، شاھپور چاڪر، مٺي، دڙو، نندو، ماتلي، مويا، مورو، ڄام صاحب، ڏھرڪي، ٺل ۽ ٻين شھرن ۾ تقريبون ڪوٺائي رسول بخش پليجو کي زبردست خراج پيش ڪيو ويو. ھوڏانھن حيدرآباد ۾ سنڌياڻي تحريڪ پاران ورسي تقريب جي صدارت سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون ڪئي، جڏھن ته قومي عوامي تحريڪ جو مرڪزي سينيئر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي، سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر گلزار جماڻي، ڊاڪٽر مجدد قريشي، ڊاڪٽر عزيز ٽالپر، غلام علي کوساڻي، نصرت خاصخيلي، سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي صدر رفيعه پليجو ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا. ان موقعي تي زينت سمون خطاب ڪندي چيو ته رسول بخش پليجو شھيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي کان بچائڻ ۽ جمھوريت جي بحالي لاءِ ايم آر ڊي جا بنياد وجھي آمريت جون پاڙون اکيڙي ڇڏيون، پليجي ڪشمور کان ڪارنجھر تائين ڳوٺ ڳوٺ ۽ شھر شھر وڃي عوام کي بيدار ڪري سنڌ ۽ مظلوم عوام جي حقن لاء جنگ ڪئي۔ پليجي ون يونٽ، ضيا شاھي، پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ کان وٺي ھر حڪومت ۾ ڪرپشن ۽ سنڌ دشمن منصوبن خلاف جدوجهد ڪئي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي خطاب ڪندي چيو ته رسول بخش پليجي وڏيرڪي، جاگيردار، سرداري ۽ ڪرپٽ سماج جي گھاڻي ۾ پيڙھجندڙ طبقن کي طاقتور بڻايو، ھن عورتن، ھارين، مزدورن ۽ ٻارن کي تحريڪن جو اڳواڻ بنايو،هن چيو ته رسول پليجو اھا يونيورسٽي ھو، جنھن سنڌ جي عوام کي عالمي ادب، ترقي پسندي، روشن خيالي، انسان دوستي، مظلوميت جو طرفدار، انتھاپسندي، ڪرپشن خلاف ۽ رات جي رھزنن سان وڙھڻ سيکاريوهن چيو ته قومي عوامي تحريڪ رسول بخش پليجي جي ڏسيل واٽ تي ھلي رھي آھي،بحريا ٽائون، ھٿرادو پاڻي کوٽ، ڪرپشن ۽ ٻين سنڌ ۽ ملڪ دشمن منصوبن خلاف جدوجھد جي ميدان تي آھي،هن چيو ته سنڌ جا وسيلا لٽڻ لاءِ پيپلز پارٽي کي بار بار سنڌ تي مڙهيو وڃي ٿو. ڪنھن ناھي سوچيو ته ھن سودي سان سياسي، سماجي ۽ اقتصادي نتيجا ڪھڙا حاصل ٿيندا؟ هن چيو ته سنڌ ۾ ڪرپشن ۽ ڌاڙيلن جي سرپرستي ڪندڙ وزيرن خلاف ڪارروائي بدران انھن کي وڌيڪ طاقتور ڪيو ويو آھي. منشيات جي ڪاروبار ۾ وزير ۽ پوليس ملوث آھي،سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي ڪرپشن جي منڊي بنائي نوجوانن کان اميد کسي وئي آھي. ميرٽ جو قتل ڪري نوڪريون وڪرو ڪيون پيون وڃن.
AyazLatifPalijo qaumiawamitehreek RasoolBuxPalijo