سپريم ڪورٽ ۾ ٽن ججن جي مقرري تي پهريون ڀيرو شديد اختلاف

اسلام آباد  ( معظم فخر)  سپريم ڪورٽ ۾ ججن جي مقرريءَ جي معاملي تي پهريون دفعو شديد اخلاف سامهون اچي ويا، جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان ۾ واضع طور تي اختلاف ڏسڻ ۾ آيا، ايتري قدر جو ججن جي مقرريءَ جي معاملي تي سپريم ڪورٽ جي ججن پنهنجي ئي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي نامزد ڪيل لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس شهزاد ملڪ جي نالي  تي به اعتراض واري ڇڏيو.، سپريم ڪورٽ ۾ ٽن ججن جي تقرري ڪئي وئي جن مان ٻه پنجاب هاءِ ڪورٽ ۽ هڪ سنڌ هاءِ ڪورٽ مان کنيو ويو، پنجاب هاءِ ڪورٽ مان جسٽس شاهد بلال ۽ شهراد ملڪ جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ مان جسٽس عقيل عباسي کي سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ڪيو ويو، سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس قاضي فائز عيسى جي مقرريءَ کان اڳ سپريم ڪورٽ ۾ ججن جي آساميءَ تي مقرري ان وقت جي چيف جسٽس جي مرضيءَ سان ئي ٿيندي هُئي، هو جنهن به هاءِ ڪورٽ جي جسٽس کي سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر ڪندو هو ته باقي جج ان جي چونڊ کي منظور ڪندا هيا، پر  جڏهن کان قاضي فائز عيسى چيف جسٽس ٿي آيو ته ان ججن جي مقرريءِ متعلق نئين طريقي کي متعارف ڪرايو، جسٽس شهزاد ملڪ کي چيف جسٽس قاضي فائز عيسى پاڻ نامزد ڪيو جنهن جي نالي تي سپريم ڪورٽ جي ٽن ججن اعتراض ڪري پنهنجي ئي چيف جسٽس جي نامزد ڪيل جسٽس کي رد ڪري ڇڏيو، سنڌ مان مقرر ڪيل چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ عقيل احمد عباسي سينارٽيءَ جي حوالي سان ڇهه سال اڳ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جو اميدوار هيو پر ان وقت سندس سينيارٽي رد ڪندي ان جي جاءِ تي سندس کان جونيئر  جسٽس منيب کي سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ڪيو ويو هو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، ڇنڇر 08 جون 2024ع تي شايع ٿيو

SupremeCourtofPakistan Cjfaezisa judicialcommissionofpakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.