سوشل ميڊيا ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ چين مان ٽيڪنالاجي درآمد

اسلام آباد(عمر چيما) عمران خان سياستدانن بدران فوج سان ڳالهائڻ چاهي ٿو، هن حمود الرحمان ڪميشن رپورٽ بابت تڪراري ٽوئيٽ جي ذميواري به قبول ڪري ورتي آهي،هو ايف آءِ اي جي جاچ کي محسن نقوي جي سازش سمجهي ٿو، جڏهن ته کانئس پڇيو ويو ته ماضي ۾ شيخ مجيب جي حمايت ڪرڻ تي توهان نوازشريف کي غدار قرار ڏنو هو هاڻي حمود الرحمان ڪميشن جا وڏا حامي ٿي ويا آهيو جنهن تي پي ٽي آءِ باني جو جواب هو ته مون ماضي ۾ حمود الرحمان ڪميشن رپورٽ نه پڙهي هئي،اطلاع آهن ته سوشل ميڊيا تي ڪنٽرول لاءِ ٽيڪنالاجي چين مان  درآمد ڪئي وئي آهي،فائر وال جو استعمال ڪري حڪومت ۽ ”چوڌري رياست“ پاران يوٽيوبرن جي وي لاگ کي به فلٽر ذريعي مانيٽر ڪيو ويندو، تڪراري وي لاگ جي پهچ مشڪل بڻائي ويندي،تڪراري ٽوئيٽ جي به جاچ ڪئي ويندي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، ڇنڇر 08 جون 2024ع تي شايع ٿيو

Socialmedia China Technology

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.