رسول بخش پليجي جي ڇهين ورسي، سردارن کي اسٽيبلشمينٽ طاقتور بڻايو آهي: ساڃاهه وند

جنگشاھي/ٺٽو(غلام حسين شاهه+منصور جلالاڻي) جنگشاھي ايشيا جي عظيم ڏاھي عوامي تحريڪ جي باني ۽ عظيم انقلابي مفڪر رسول بخش پليجي جي ڇهين ورسي جو عظيم الشان جلسي عام رسول بخش پليجي جي آخري آرامگاه جنگشاهي لڳ ڳوٺ منگر خان پليجو ۾ ٿي گذريو. جلسي عام ۾ هزارن جي تعداد ۾ مرد،  عورتون، ٻارڙا، نوجوان، شاعر، اديب، دانشور، ھاري، آبادگار، صحافي، وڪيل ۽ چاھيندڙ  شريڪ. يگاني عالم ۽ ايشيا جي عظيم ڏاھي رسول بخش پليجي کي انقلابي گيتن ۽ نظمن سان زبردست ڀيٽا پيش ڪئي وئي. سنڌي گرلس اسٽوڊنٽ تحريڪ طرفان پريڊ وسيلي رسول بخش پليجي کي سلامي ڏني وئي. جلسي ۾ هر طرف انقلابي نغمن جي گونج. سنڌ مٿان ڪنهن به يلغار خلاف عوامي تحريڪ طرفان ڀرپور جدوجهد جاري رکڻ جو وچن. اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل ختم ڪرڻ جي قرارداد منظور. ارسا ايڪٽ ترميم سنڌ جي وجود مٿان حملو قرار. ملڪ کي 1940 جي قرارداد تحت هلائڻ جو مطالبو. جلسي عام ۾ سنڌ ۽ ملڪ جي ناميارن سياستدانن، دانشورن، اديبن، شاعرن، وڪيلن، صحافين ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن جي شرڪت. ورسي جي جلسي عام ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي نائب صدر حورالنسا پليجو، سينيئر سياستدان سينيٽر سيد مشاهد حسين، عوامي ورڪرس پارٽي جي وفاقي سيڪريٽري بخشل ٿلهو، سرائيڪستان قومي اتحاد جي چيئرمين غلام فريد ڪوريجا، حقوق خلق پارٽي جي صدر فاروق طارق، عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري سيد لال شاهه، نيشنل پارٽي سنڌ جو صدر تاج مري، ناليواري اديب جامي چانڊيو، خدا ڏنو شاهه، مير حسن آريسر، آرٽسٽ شيما ڪرماني، سينيئر صحافي نظير لغاري، دستگير ڀٽي، نعمت کهڙو، بدر چنا، فهيم نوناري، عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، عبدالقادر رانٽو، نور نبي پليجي، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر غلام مصطفي چانڊيو، سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي صدر حاجي خان سمون، سنڌي گرل اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي صدر ساجده پرهياڙ، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر نويد عباس ڪلهوڙو ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. جلسي عام کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو ته رسول بخش پليجو ايشيا جو ڏاھو پنھنجي دور جو عالم مفڪر ٽين دنيا جي مظلوم قومن ۽ طبقن جو رهبر آهي. رسول بخش پليجي پنهنجي ڏاهپ ۽ دورانديشي وسيلي سنڌي قوم جي اڳواڻي ڪئي. رسول بخش پليجو پاڪستان ۾ ڊڪٽيٽرشپ خلاف جمهوريت جي بحالي ۽ عدليه جي آزادي لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو. رسول بخش پليجو سنڌ جو سگهارو آواز هو جنهن سنڌ جي پاڻي تي لڳندڙ ڌاڙن ۽ سنڌ درياه تي ڊيم ٺاهي قيد ڪرڻ خلاف جدوجهد ڪئي.  لال جروار چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ کي اڏوهي جيان کائي رهي آهي. پيپلز پارٽي جي نمائندن اقتدار خاطر سنڌ جي وجود، وسيلن ۽ زمينن جو سودو ڪيو آهي. پيپلز پارٽي ملڪ رياض جهڙن قبضاگيرن جي سهولتڪاري ڪري سنڌ کي قبضاگيرن حوالي ڪري ڇڏيو آهي. لال جروار چيو ته اسٽيبلشمينٽ، ڪامورن ۽ سياستدانن 76 سالن کان ملڪ کي ڦريو ۽ لٽيو آهي. ميڊيا تي بندشون جمهوريت جي نالي ۾ بدترين آمريت آهي. ايماندار ۽ فرض شناس صحافين کي قتل ڪري عوام جو آواز دٻايو پيو وڃي. زرعي انقلاب جي نالي ۾ ننڍين قومن جون زمينون، قدرتي وسيلا وڪرو ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته پيپلز پارٽي ڌاڙيلن جي سرپرستي ڪري رهي آهي. ڌاڙيلن کي نيٽو جا جديد هٿيار پهچائي سنڌ کي جنگ جو ميدان بڻايو ويو آهي. ڌاڙيلن سنڌ ۾ رياست اندر رياست قائم ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون، ٻيٽ، جبل، معدني وسيلا ۽ درياءَ وڪرو ڪرڻ لاءِ پيپلز پارٽي کي چوٿون ڀيرو اقتدار ڏنو ويو آهي. اسٽيبلشمينٽ سنڌ ۾ جاگيردارن ۽ سردارن کي طاقتور ڪيو آھي جنھن ڪري سردار جرڳا ڪري قتلن جا فيصلا ڪري ملڪ جي قانون ۽ آئين کي چئلينج ڪن ٿا. سينيٽر مشاهد حسين چيو ته رسول بخش پليجو عظيم سياسي دانشور هو. رسول بخش پليجو ضياءَ دور ۾ ناحق قيد ڪيو ويو. اڄ مان پنهنجي دوست رسول بخش پليجي کي سرخ سلام پيش ڪرڻ لاءِ پهتو آهيان.  عوامي ورڪرز پارٽي جي وفاقي سيڪريٽري بخشل ٿلهو چيو ته رسول بخش پليجو صاحب سامراج مخالف هو. رسول بخش پليجي کي سرخ سلام پيش ڪريون ٿا. حقوق خلق پارٽي جي مرڪزي صدر فاروق طارق چيو ته رسول بخش پليجي صاحب جيترو لکيو اهو ڪنهن سياستدان نه لکيو. عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري لال شاهه چيو ته رسول بخش پليجي سنڌي ماڻهن کي قومي عوامي جمهوري جدوجهد جي واٽ ڏسي. رسول بخش پليجي سنڌ جي عورتن کي جدوجهد جي ميدان ۾ آندو. نيشنل پارٽي سنڌ  جي صدر تاج مري چيو ته پارليامينٽ کي ڊي ريل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. سماجي اڳواڻ خدا ڏني شاهه چيو ته رسول بخش پليجي صاحب سڄي زندگي پورهيت عوام کي شعور ڏنو. رسول بخش پليجي صاحب مارشل لا ۽ ٻين زيادتين خلاف تحريڪون هلايون. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري روشن ٻرڙو چيو ته رسول بخش پليجو صاحب متحرڪ سياستدان هو. پاڪستان سرائيڪستان اتحاد جي سربراه خواجا غلام فريد ڪوريجا چيو ته رسول بخش پليجو سنڌي عوام جو رهبر هو. پاڪستان جي مظلوم قومن جي اتحاد جو حامي هو. سينيئر صحافي نعمت کهڙو چيو ته رسول بخش پليجي جو ڪردار هر گذرندڙ وقت سان وڌيڪ نکري رهيو آهي. سرداري نظام خلاف آواز رسول بخش پليجي صاحب جي ئي جدوجهد جي ڪري آهي. رسول بخش پليجي صاحب هر قسم جي روشني پکيڙي. سينيئر صحافي نذير لغاري چيو ته رسول بخش پليجي جي وڇوڙي وڏو خال پيدا ڪيو آهي. نامياري اديب جامي چانڊيو چيو ته رسول بخش پليجي صاحب نئين ترقي پسند تحريڪ جو رهنما هو. جلسي عام ۾ قومي راڳي سوڍو جوڳي، نذاڪت فقير، راحت صادق فقير، ڀاڳچند، سنڌو ملاح، ديال صحرائي، پرديپ گلاب، حنيف سارنگ، سونيا پليجو، صفيا سرمد، عظمت هاليپوٽو ۽ ٻين قومي ۽ انقلابي گيت پيش ڪيا. هم ديکهين گي، هم محنت ڪش جگ والون سي، اٿو ته جنگ جوٽيون، ديپ مهلات مين جلي ۽ ٻين انقلابي گيتن تي سنڌياڻي ثقافتي گروپ طرفان ٽيبلو پيش ڪيا ويا.

Rasoolbuxpalijo feudalism Sindh

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.