ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ) سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جو ڪراچي ۾ بدامني خلاف احتجاج، واڪ آئوٽ، ايم ڪيو ايم جي ميمبرن ڪراچي ۾ بدامني خلاف ايوان ۾ احتجاج ڪيو، ان دوران مخالف ڌر اڳواڻ علي خورشيدي اسپيڪر کي مخاطب ٿيندي چيو ته ٻي ڪارروائي معطل ڪري ڪراچي ۾ بدامني جي مسئلي تي ڳالهائڻ ڏنو وڃي، ان تي اسپيڪر کيس روڪيندي چيو ته مخالف ڌر کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو ويندو، ان بعد سندس مائيڪ بند ڪرايو ويو، جنهن تي ايم ڪيو ايم جي ميمبرن ٻيهر احتجاج ڪيو بينر کڻي نعريبازي ڪئي، ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويوقرئت العين چيو ته ڪراچي ۾ تعليم يافته ٻارن کي ماريو پيو وڃي، يوٽيوبر کي ماريو ويو، امن لاءِ 3 ارب رپيا رکيا ويا آهن، شهرين کي ڪهڙي سزا ڏني پئي وڃي، ان تي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار جواب ڏيندي چيو ته نوجوان قتل ٿيو ان تي افسوس آهي، پوليس ڪيس ۾ اڳڀرائي ڪئي آهي، مخالف ڌر اڳواڻ پاڻ کي 2018 واري اليڪشن کانپوءِ واري صورتحال ۾ پاڻ کي محسوس ڪري پيو، بدامني ۾ متاثر ٿيندڙ خاندان کي نوڪريون ۽ سپورٽ ڪندا آهيون، جذباتي ٿيڻ جي ضرورت نه آهي، هن چيو ته مڃان ٿو ته دهشتگردي جا واقعا ٿيا آهن پوليس جي توهين نه ڪئي وڃي، هاڻي اهو وقت نه رهيو آهي جو هڪ ڏينهن ۾ 100 ماڻهو ماريا وڃن، 12 مئي واقعا ٿين يا ٻوري بند لاش ملندا هجن، ان تي ايم ڪيو ايم ميمبرن هڪ ڀيرو ٻيهر احتجاج ڪيو، ان دوران سنيئر وزير شرجيل ميمڻ سيٽ تي بيهي ڳالهائيندي چيو ته هاڻي ٻوري بند لاش ملڻ بند ٿي ويا آهن، ان تي اسپيڪر اويس قادر شاهه کيس روڪيندي چيو ته وزير صاحب ويهي رهو، توهان کي ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏني آهي، ان دوران گهرو وزير ڳالهائيندي چيو ته ايم ڪيو ايم وارن کي پرسنل نه ٿيڻ گهرجي، ٻوري بند لاش پهرين ملندا هئا، هي ماضي وارا نه آهن،مون انهن لاءِ ڳالهايو، هي ته شريف آهن، ان دوران ايم ڪيو ايم جي ميمبرن سيٽن تي اٿي بيهي بينر کڻي احتجاج ڪندي نعريبازي ڪئي. سينيئر وزير شرجيل ميمڻ ۽ ضياءَ الحسن لنجار سيٽن تي بيهي رهيا ۽ ڳالهائڻ چاهيو، اسپيڪر ٻنهي وزيرن کي روڪي ڇڏيو، اسپيڪر سنيئير وزير کي روڪيندي چيو ته توهان کي ڳالهائڻ ڏنو هاڻ مخالف ڌر اڳواڻ کي به موقعو ڏنو وڃي، اسپيڪر جي اجازت سان مخالف ڌر اڳواڻ علي خورشيدي ڳالهائيندي چيو ته هتي ته رڳو سازش ٿي رهي آهي، ان تي اسپيڪر مخالف ڌر اڳواڻ کي به ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو، گهرو وزير چيو ته صولت مرزا کا پوليس گرفتار ڪيو، جنهن معصوم شهرين کي قتل ڪيو،اجمل پهاڙي به قاتل هو، ان کي گرفتار ڪيو ويو، خبر ناهي ته هو ڪئين آزاد ٿيو، هن چيو ته ڪراچي ۾ پوليس رحمان ڊڪيت کي ماريو، عذير بلوچ کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيا هو جيل ۾ آهي. گهرو وزير ايوان ۾ اعتراف ڪيو ته قانون ۾ جهول هجڻ جو جوابدار فائدو وٺن ٿا، ڦرلٽ ۾ ڪير ڪيس داخل نه ٿو ڪرائي، نه وري شاهد عدالت وڃن ٿا ۽ وڃن ٿا ته جوابدارن کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪن ٿا، شڪارپور مان چونڊيل پ پ ايم پي اي عارف مهر سوال ڪندي چيو ته سندس تڪ ۾ ماڻهو اغوا ۽ قتل ٿين پيا، پوليس ايڪشن نه پئي ڪري، ان تي گهرو وزير اعتراف ڪيو ته 20 ماڻهو اڃاتائين بازياب نه ڪرائي سگهيا آهيون، لاڙڪاڻي، شڪارپور ۽ جيڪب آباد مان اغوا ٿيل 136 ماڻهن مان 116 ماڻهو آزاد ڪرايا ويا آهن، هن ميمبر کي خاطري ڪرائي ته حالتون بهتر ڪيون وينديون هن چيو ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم پهرين کان گهٽيو آهي، عيد جو موقعو آهي، پوليس پلان تحت شهرين جي تحفظ لاءِ ڪم ڪري پئي.