ڪراچي ( تجزيو: سرمد سولنگي ) ڇا ڪنهن ڪڏهن سوچيو هو ته پاڪستان جهڙي ٽيم کي آمريڪا جي ٽيم شڪست ڏيندي؟ هتي آمريڪي ٽيم جي ساراهه نه ڪرڻ زيادتي هوندي ڇو ته هنن راند جي ٽنهي شعبن ۾ پاڪستان کي آئوٽ ڪلاس ڪري ڇڏيو آمريڪا هٿان تاريخي شڪست بعد اِهي خبرون پڻ اچي رهيون آهي ته تمام جلد بورڊ ۾ آپريشن ڪلين اَپ شروع ٿيندو جنهن ۾ وڏا وڏا نالا گهر ڀيڙو ٿيندا. آمريڪا خلاف ورلڊ ڪپ جي پهرين ئي ميچ ۾ عبرتناڪ شڪست کانپوءِ ٽيم مئنيجمينٽ ۽ رانديگرن ۾ اختلافن جو خبرون سامهون اچڻ لڳيون آهن. ذريعن موجب، آمريڪا خلاف تاريخي شڪست کانپوءِ هيڊ ڪوچ گيري ڪرسٽن تپي باهه ٿي ويو، ٽيم ميٽنگ دوران هيڊ ڪوچ سمورن رانديگرن کي ڊريسنگ روم ۾ ست سريون ٻڌايون. ميچ هارائڻ کانپوءِ بابر اعظم غلطي جو ذميوارن ٻين رانديگرن کي قرار ڏئي ڇڏيو، بابر اعظم جو خيال آهي ته بالرن سٺي بالنگ نه ڪئي، فيلڊنگ ان معيار جي نه هئي، سينيئر رانديگرن غير ذميواري جو مظاهرو ڪيو. ذريعن موجب، بابر اعظم ڊريسنگ روم ۾ وڏي واڪي چيو ته مونکي ڪو به صلاح نه ڏئي مان سڀ سمجهان ٿو، جڏهن ته شاداب خان، عامر ۽ محمد رضوان گرائونڊ ۾ بابر اعظم کي افتخار احمد کي اوور نه ڏيڻ جو مشورو ڏنو هو، آمريڪا خلاف شرم جوڳي هار کانپوءِ ڪجهه رانديگر سڏڪا ڀري روئڻ لڳا. ذريعن موجب، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ ٽيم تي ٿيندڙ تنقيد کانپوءِ حقيقي مالڪ حرڪت ۾ اچي ويا آهن ۽ هو سوال اُٿاري رهيا آهن ته اعظم خان ٻين رانديگرن کي بنا ڪنهن ڪارڪردگي جي بنياد تي مسلسل موقعا ملي رهيا آهن ته پوءِ احمد شهزاد، زمان خان، عمر اڪمل، شاهنوار ڏاهاڻي، مهراڻ ممتاز، زاهد محمود سميت ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ پرفارم ڪندڙن کي موقعا ڇو نه پيا ملن هاڻ ڀارت خلاف ميچ اهميت اختيار ڪري چڪي آهي جيڪڏهن پاڪستان ڀارت کان به هارائي ويو ته ان جا ٽورنامينٽ ۾ رهڻ جا امڪان اٽڪل ختم ٿي ويندا .
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، ڇنڇر 08 جون 2024ع تي شايع ٿيو
T20WorldCup2024 PakistanCricketteam BabarAzam PakvsInd