محمود الله جي مڙسي، بنگلاديش سخت مقابلي بعد سريلنڪا کي ٻن وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو

ڊيلس ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي 15 هين ميچ ۾ بنگلاديش سخت مقابلي کانپوءِ سريلنڪا کي ٻن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي
ڊلس جي گرانڊ پريئري ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ سريلنڪا ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر 20 اوورن م اوپنر پيٿم نسانڪا جي 47 رنسن جي مدد سان 9 وڪيٽن جي نقصان تي 124 رنسون ٺاهيون.
بنگلاديش جي مستفيض الرحمان ۽ ريشا حسين 3، 3 وڪيٽون حاصل ڪيون، جڏن ته تسڪين احمد 2 ۽ تنظيم حسن ثاقب 1 وڪيٽ ورتي.
بنگلاديش گهربل هدف اٺ وڪيٽن جي نقصان تي ميچ جي 19 هين اوور ۾ حاصل ڪري فتح پنهنجي نالي ڪئي.
بنگلاديش طرفان لٽن داس 36 رنسن جي اننگز کيڏي جڏهن ته توحيد هري دوئي چئن ڇڪن ۽ هڪ چوڪي جي مدد سان 40 رنسون ٺاهيون.
ڪپتان نجم الحسن شانتو، شڪيب الحسن، راشد حسين ۽ تسڪين احمد جلد ئي پويلين موٽي ويا جنهن دوران محمود الله دٻاءُ ۾ ٽيم کي سهارو ڏيندي 16 رنسن جي مختصر اننگز کيڏي پنهنجي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
سريلنڪا طرفان نوان تُشارا چئن، جڏهن ته ونندو هسارنگا ٻن ۽ مٿيشا پٿيرينا ۽ ڌننجيا ڊي سلوا هڪ هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو.
ريشاد حسين کي بهترين بالنگ تي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

#icct20worldcup2024 #BngvsSL #cricket

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.