حڪومت پاران لائبريري کي ڊاهڻ تعليم تي حملي جو تصور هوندو:زين شاهه

ملير (ڊ ر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاھ ڪراچي جي علائقي ملير ۾ قائم سيد ظهور شاھ هاشمي ريفرنس لائبريري  کي بلڊوز ڪرڻ واري سنڌ حڪومت جي فيصلي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته سيد ظهور شاھ هاشمي ريفرنس لائبريري کي ڊاهڻ بلوچ قومي ورثي تي حملي جو تصور هوندو، هن سنڌ حڪومت کي خبردار ڪندي گهر ڪئي ته لائبريري کي بلڊوز ڪرڻ جو وارو فيصلو فوري طور تي واپس ورتو وڃي، سيد زين شاھ پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو آهي ته بلوچي ٻولي جي مشهور لسانيات جي ماهر،ناول نگار ۽ شاعر سيد ظهور شاھ هاشمي سان منسوب لائبريري بلوچ ثقافت، ٻولي ۽ تاريخ جي تحفظ ۽ واڌاري نه رڳو هڪ اهم مرڪز آهي پر قومي ورثو به آهي جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ مسمار ٿيڻ نه ڏنو ويندو.

Sindhgovt ZainShah SUP

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.