ڪراچي( رپورٽر ) سنڌ سرڪار جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پ پ قيادت پنهنجي هر چونڊيل نمائندي جو احتساب ڪري ٿي، اهو سٺو عمل آهي، وزيرن توڙي چونڊيل نمائندن کي پ پ چيئرمين هدايتون ڪيون آهن ته هو عوام جا مسئلا حل ڪن، غربت ۽ بيروزگاري ۽ معاشي مسئلا آهن، اهڙو اظهار هن ڪالهه سنڌ اسيمبيلي جي ميڊيا ڪارنر تي ڳالهائيندي ڪيو، شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته آبپاشي، صحت، انرجي، اينٽي نارڪوٽڪس، ٽرانسپورٽ سميت سمورا کاتا عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيا آهن، هن چيو ته نوگو ايريا، ٻوري بند لاش، ڀتا خوري ڪنهن جي دور ۾ هئي سڀني کي خبر آهي، متحده اڳواڻ چڙ ڏياريندڙ بيان ڏين ٿا وري معافي وٺن ٿا، اسين چاهيون ٿا ته ايوان جو ماحول بهتر رهي، هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري هدايت ڪئي آهي ته ڪراچي ۾ امن ڪرايو وڃي جئين سيڙپڪار اچن، اپاءُ ورتا آهن، هاڻي ڏوهه گهٽجن پيا، ڪراچي ۾ غيرقانوني پرڏيهي به رهن پيا، انهن خلاف آپريشن جاري آهي.
Sindhgovt Sharjeelmemon MQM-P