پارٽي چيئرمين شپ جو فقدان

تحرير: رياض ابڙو 

اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي 13 جون 2021 تي ۽ 2023 تي هڪ خط ذريعي تنبيهھ ڪئي هئي ته اهي اليڪشن ڪميشن جي ايڪٽ 2007 جي سيڪشن 215 (اي) تحت پارٽي جي اندر اليڪشن ڪرائن ته ”هاڻي انهن جو نئون پارٽي چيئرمين ڪير هوندو“ ڇو ته اها قانوني ۽ آئيني گهرج آهي ۽ ڪورٽ جي ان ڳالھه  تي عمل نه ڪرڻ سان پي ٽي آءِ جو چيئرمي نااهل ٿي سگهي ٿو ۽ سندس پارٽي جي نمائندگي ختم ٿي سگهي ٿي، جنهن جي لاءِ چونڊن جي ايڪٽ تي عمل اشد ضروري آ. اصل ۾ هر پارٽي چوٿين سال پارٽي چيئرمين جي لاءِ پنهنجي پارٽي جي اندر انٽرا اليڪشن ڪرائڻ جي پابند هوندي آهي ته جيئن پارٽي اندر ڪا بغاوت جنم نه وٺي، پارٽي ۾ جمهوري قدرن کي بحال رکيو وڃي، پارٽي ۾ جي ڪو ٻيو ماڻهو اهل آهي ته پوءِ چيئرمين شپ ان شخص کي سونپي وڃي. ساڳي ڳالھه  هنن جي پي ٽي آءِ جي منشور ۾ آهي ۽ هر پارٽي جي منشور ۾ به لکيل آهي ته اهي هر چوٿين سال پارٽي اندر چونڊن ڪرائڻ جا پابند هوندا ته جيئن پارٽي جو چيئرمين آئيني طريقي سان چونڊجي سگهجي، ساڳي نموني اندورني چونڊن واري رپورٽ اليڪشن ڪميشن کي به ڏيڻي ضروري هوندي آهي. ٻيو اهو به آهي ته پارٽي چيئرمين جڏهن وزيراعظم يا صدر ٿي ويندو آهي ته هو ٻه ڪرسيون ۽ ٻه آفيسون سنڀالڻ جو مجاز ناهي هوندو يا نه ٿو سنڀالي سگهي. ان جي لاءِ ان کي چيئرمين شپ ڇڏڻي پوندي يا وزيراعظم يا صدر جي آفيس. خير، وزيراعظمي ته نه ٿي ڇڏي سگهجي پر پارٽي جي چيرمين شپ تان هٿ ڌوئڻا پوندا آهن. جنهن جي لاءِ اهو طئي ڪرڻ ضروري هوندو آهي.

هاڻي عمران خان هن جو اولاد ته پارٽيءَ جو چيئرمين نه ٿو ٿي سگهي. هن جي گهرڀاتين مان ڪو اهڙو عالم آشڪار ۽ عوام جي اکين جو تارو يا سياسي مشهور ماڻهو نه ناهي جيڪو پارٽيءَ جو چيئرمين ٿئي، اها ٻي ڳالھه  آهي ته هن پي ٽي آءِ جون پاڙون عوام ۾ آهن. پر هن شخص جي هٽي وڃڻ سان، عهدي ڇڏڻ سان ۽ پارٽيءَ جي چيئرمين شپ وڃائڻ سان پارٽي تي وڏو اثر پيو، جنهن جو نقصان پارٽي کي ٿيو ۽ وڏو فائدو ٻين پارٽين معني خاص پي پي ۽ نون ليگ کي ٿيو. ن ليگ ۾ کڻي ڪيترو به اڳواڻي جو وقتي فقدان هجي پر انهن وٽ خانداني سياست جو لشڪر موجود آهي جيڪو ڪڏهن به پارٽي سنڀالي سگهي ٿو. نون ليگ جي اندر سياسي، سماجي ۽ اخلاقي جواز ۽ سياسي سوچ به موجود آهي ته اهي پارٽي جا چيئرمين ٿي سگهن ٿا، ڪم ڪڍي ويندا، سياسي گاڏو گيڙي ويندا. پر هن همراھ (خان) سان اها ويڌن ضرور هئي ته هو ٻن آفيسن مان ڪهڙي آفيس جي چونڊ ڪري، حڪومت وڃائي يا پارٽي، ڇو ته ساڳي ڳالھه  وري پي پي سان به هئي ته جڏهن بي بي صاحبا تي اهڙو ئي زور پنهنجن حڪومتي دورن ۾ رهيو تڏهن هن پارٽي جو چيئرمين (چيئرپرسن) نصرت ڀٽو کي ڪري ڇڏيو هيو. وري ٻئي دور ۾ آصف علي زرداري کي ڪري ڇڏيو هيو. وري ساڳو زور جڏهن زرداري صاحب تي پيو ته هو صدر جي آفيس سنڀالي يا پارٽي چيئرمين شپ هلائي تڏهن وارو وارو ڪري بلاول ڀٽو کي پارٽيءَ جو چيئرمين ڪري ڇڏيو هيائين. هاڻي هن شخص جي لاءِ پارٽي جي چيئرمين شپ ڇڏڻ ۽ ٻين جو ان عهدي کي سنڀالڻ جو فقدان ضرور آهي.

اها به ڳالھه  مونجهاري جو شڪار آهي ته هن جي پارٽي ۾ هن کانسواءِ ڪير به اعتبار جوڳو ناهي، جي شاھ محمود قريشي کي چيئرمين ڪندو ته پارٽي جي ”افيڪٽونيس“ ۾ ۽ معيار ۾ فرق ايندس، ڄڻ پي ٽي آءِ جي پارٽي صفا شفٽ ٿي ويندي. پوءِ به ڪنڌ تي ڪاتي جو هن 1996 کان وٺي پارٽي جي چيئرميني سنڀالي ۽ آخر 2 ڊسمبر 2023 تي اها چيئرميني پنهنجي راض خوشي سان بيرسٽر گوهرعلي خان کي سونپي ڇڏي. اسان وٽ پارٽي، سياست ۽ اڳواڻي ۾ موروثيت جو عنصر ضروري آهي جيڪو پراثر رهي ٿي ۽ عوام جي لاءِ به ضروري آهي ته پارٽي اندر موروثيت وارو اثر هجي يا چئون ته پارٽي وري به گهر جو گهر ۾ رهي ٿي، جنهن ۾ بغاوت جا عنصر نه ٿا رهن.

ماڻهن ۾ اهو تاثر ناهي هوندو ته مولانا محمودالرحمن جي وڃڻ کانپوءِ سندس پٽ مولانا فضل الرحمن پارٽي سنڀالي ۽ ڪم هلائي ويو. ائين به آهي ته جنرل مشرف جي پاڪستان مسلم ليگ واري پارٽي جا وارث هاڻي لاهور وارا چودري برادران ٿي ويا ۽ مشرف وري پاسي تي پنهنجي پارٽي جو دوڪان کولي ويهي رهيو هيو (جيڪو نه هليو). يا سوال اهو به آهي ته فنڪشنل ليگ سڀاڻي پيرپاڳاري جي خاندان مان نڪري ٻيو ڪو ماڻهو سنڀاليندو يا هلائيندو (گادي نشيني ٻي ڳالھه  آ) پر اسان وٽ ائين ناهي. هي پارٽيون ڪو آمريڪي ڪانگريس، ريپبليڪن، ليبر پارٽي يا ڊيموڪريٽڪس پارٽيون ناهن جو انهن جا صدر انهن جي بورڊ جي ذريعي چونڊجي اچن يا کڻي چئون ته انهن ۾ موروثي سياست جي اهميت ناهي. ڀلي پوءِ جارج بش کانپوءِ ان جو پٽ جارج ڊبليو بش جونيئر هجي، يا بل ڪلنٽن پنهنجي گهرواري هيلري ڪلنٽن کي سياست ۾ آڻي. پر آمريڪا ۾ سياسي پارٽيون ڪنهن جي ميراث ناهن هونديون. مثال 30 اپريل 1989 کان 4 مارچ 1997 تائين جارج واشنگٽن صدر رهيو جنهن جي چونڊجڻ يا پارٽي جي ”ايفليئيشن“ جون شاهديون ناهن. ان کانپوءِ سلسليوار جيڪي به آمريڪي صدر رهندا آيا ته اهي پارٽي جي پليٽ فارم تان چونڊبا آيا. ٿامس جيفرسن جيڪو ڊيموڪريٽڪس جو پهريون صدر چونڊجي ويو جنهن 4 مارچ 1801 کان 4 مارچ 1809 تائين صدارتي آفيس سنڀالي پر انهن ۾ پارٽي جي صدارت جو فقدان پيدا نه ٿيو، اهي آمريڪي پارٽين ۾ ڊڪٽيٽرشپ ناهن رکندا. ڊيموڪريٽڪس جا صدر جيئن باراڪ اوباما 20 جنوري 2009 کان 20 جنوري 2017 تائين ٻه ٽرم ڪڍي ويو، هاڻي ساڳي پارٽي جو صدر وري جوئي بائيڊن. ريپبليڪن جو پهريون صدر ابراهام لنڪن جيڪو 4 مارچ 1861 کان 15 اپريل 1865 تائين صدارتي ڪرسي تي رهيو پر اهي پنهنجن پارٽين جا صدر ناهن هوندا، انهن جا بورڊ انهن جي صدر چونڊجڻ جو فيصلو پارٽي جي اندر ئي ڪندا آهن. وري ڊونلڊ ٽرمپ ائين ريپبليڪن پارٽي جو چونڊيل صدر رهيو، جيڪو 20 جنوري 2017 کان 20 جنوري 2021 تائين رهيو، پر انهن سان اهڙا فقدان نه ٿا رهن جهڙا ۽ جيترا پاڪستاني يا ايشيائي سياست ۾ رهن ٿا.

پي ٽي آءِ جي لاءِ جتي ٻيا فقدان ۽ بيروني يا اندروني پريشر موجود آهن، اتي اهو به آهي ته پي ٽي آءِ جي نئين چيئرمين جي اچڻ سان پارٽي جي اثر ۽ ليڊرشپ جي فقدان ۾ واڌ ضرور ايندي، ڇو ته هي پي ٽي آءِ وارن جي پارٽي به وڻ وڻ جي ڪاٺي آ، شروع ۾ جهانگيرترين ته اهڙو پارٽي جو سر ڦٽيو ڪارڪن ثابت ٿيو هيو، جنهن 2018 وارين عام چونڊن ۾ پنهنجا جهاز پئي ڀڄايا، پر پوءِ خان ان ڳالھه  تان ڦري ويو ويس ته توکي ڪنهن چيو هو ته ايترو ڪم ڪر يا ڪهڙو واقعي ئي نئون پاڪستان ٺهڻ وارو هيو، پر هن ويچاري خان جي آسري هڻي پنهنجو الهھ تلهھ ئي چٽ ڪري ڇڏيو ۽ ان تاڙ ۾ هيو ته پارٽي جو وائس چيئرمين ٿي پئي. هوڏانهن شاھ محمود قريشي وري پنهنجي پَرِ ۾ خوش لڳو پيو هيو ته ڪٿي پارٽي گرين سگنل هن کي نه ڏئي وجهي، حلانڪي شاھ محمود قريشي پارٽيءَ جو وائيس چيئرمين به آهي، پر خان جي لاءِ پارٽي هٿن مان ڪڍڻ وڏي بحران کي جنم ڏيندي، اسان وٽ موروثي سياست جي وڏو اثر آ ۽ وڏي موئثر ان ڪري به آهي ته اسان خانداني سياست واري سلسلي کي مذهبي عقيدت واري اک سان ڏسندا آهيون.

اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي ”انٽرا پارٽي اليڪشن“ سان گڏ ٻين ٻن پارٽين کي به نوٽيس جاري ڪيا هيا ته اهي پارٽي اندر چونڊون ڪرائن، پر پي ٽي آءِ کي مناسب ٽائيم هاڻي وارو نظر آيو جو جڏهن هي ڪي پي ۾ ضمني اليڪشن هارائي ويا تڏهن هنن جون اکيون ڀرجي آيون هيون ۽ 13 جون 2021 ۽ 2023 وارو ڪورٽ وارو فيصلو هاڻي سمجھ ۾ آين، پر ٻين پارٽين تي نظر ڊوڙائبي جن ۾ تحريڪ لبيڪ پاڪستان به آهي، جنهن جي اڳواڻ خادم حسين رضوي جي مري وڃڻ کانپوءِ ان جي پٽ اسد رضوي جي لاءِ پارٽي جون اندرني چونڊون ڪرايون ته جيئن پارٽي ۾ جمهوري قدر بحال رکي سگهجن. حلانڪي اليڪشن ڪميشن جي اها ٻه چاپڙائپ به آهي ته جڏهن پارٽي بَين هئي ۽ پارٽي تي پابندي لڳل هئي ته پوءِ انهن جي چيئرمين هجڻ نه هجڻ سان ڪهڙو فرق هيو، پر هتي قانون ابتا آهن ڇو ته ڪراچي واري اين اي 249 واري سيٽ تي هنن کي اليڪشن وڙهڻ ڏني وئي هئي، حلانڪي جڏهن پارٽي تي بندش هئي ته پوءِ چونڊن ۾ هنن جا فارم ڇو ڀرين، يا هنن پي ٽي آءِ وارن کي رڳو فرانس ۽ ڊينمارڪ کي ڪري ڏيکارڻو هيو ته پارٽي کي ختم يا بند ڪري ڏيکارين ڇو ته اهي پي ٽي آءِ جي ڳچي ۾ پئجي ويا هيا، ان ڪري سياسي داٻا ڪري هنن کي چپ ڪراين ۽ پنهنجي جان بچائي ويا معني اهي ٽي ايل پي وارا 20 اپريل 2021 تي لانگ مارچ ڪرڻ وارا هيا، پر اتفاق اهو هيو جو هنن جو اڳواڻ اڳواٽ ئي مري پيو) ته اهي ترت اهڙيون چونڊون ڪرائين جنهن جي ڪرائڻ سان پارٽي ۾ ٽرانسپيرينسي برقرار رهي ۽ اليڪشن ڪميشن ۾ به اطمنيان ۾ رهي ۽ پارٽي به هلندي رهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.