ڇا آرمي چيف خلاف توهين مذهب الزام تي به آءِ ايس آءِ چوندي ته ڪجهه نه مليو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(م ڊ) ڇا آرمي چيف خلاف توهين مذهب الزام تي به آءِ ايس آءِ  چوندي ته ڪجهه نه مليو.  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته جسٽس بابر ستار خلاف خانداني ڊيٽا ليڪ ڪرڻ ۽ سوشل ميڊيا مهم تي توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 3 رڪني لارجر بينچ گذريل ٻڌڻي تي لکت ۾ حڪم جاري  ڪيو. بينچ ۾ جسٽس محسن اختر ڪياني، جسٽس طارق محمود جهانگيري، جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان شامل آهن. ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل پاران آءِ ايس آءِ رپورٽ پيش ڪئي وئي. ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ونگ پنهنجي رپورٽ جو جائزو ورتو، رپورٽ موجب ڪجهه ٽوئٽ ۽ ري ٽوئٽ ڪندڙ اڪائونٽس جي نشاندهي ڪئي وئي. رپورٽ مان واضح ٿئي ٿو ته هي معزز جج جي خلاف ٽن هيش ٽيگ تي ٻڌل هڪ منظم مهم هئي، ايف آءِ اي طرفان ايمرجنسي ڊسڪلوزر درخواستون پڻ ايڪس ايڊمنسٽريشن کي موڪلي ڇڏيون آهن جنهن ۾ شڪي اڪائونٽس بابت ڄاڻ ڏني وئي آهي. عدالتي حڪم ۾ چيو ويو ته ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل، اميگريشن عملدارن واضح ڪيو ته گرين ڪارڊ رڳو سفري دستاويز آهي. ايڊيشنل اٽارني جنرل ۽ اميگريشن اختيارين اعتراف ڪيو آهي ته گرين ڪارڊ جو مطلب شهريت ناهي، حڪومت تسليم ڪيو آهي ته جسٽس بابر ستار خلاف ٽوئيٽس ۾ لڳايل الزام ڪوڙا آهن. رپورٽ جي پهرين ٻن صفحن ۾ چيو ويو آهي ته اڪائونٽس غير فعال هجڻ سبب ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگهي، جنهن تي هر عدالت جو چوڻ هو ته آءِ ايس آءِ جي رپورٽ نامڪمل آهي. ففٿ جنريشن وار جي حوالي سان عدالت پڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن صدر يا آرمي چيف تي توهين رسالت جا الزام لڳايا ويا ته ڇا آءِ ايس آءِ به اهڙو ئي جواب ڏيندي؟ عدالت اهو به پڇيو ته ڇا آءِ ايس آءِ ففٿ جنريشن وار وڙهڻ جي قابل آهي؟  اسان کي انهن ٻن سوالن جا جواب ناهن ملي سگهيا. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ هدايت ڪئي ته ايڪس ڪارپوريشن جي چيف قانوني صلاحڪار سان لک پڙهه ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.