ملڪ ۾ جنرلن جي مقرري توڙي معاشي آمدني پرڏيهي قوتن جي وس ۾ آهي:زين شاهه

ميرپورخاص (بيورو/ پ ر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ميزباني ھيٺ ميرپورخاص شھر ۾ ”وفاق اندر سنڌ کي درپيش خطرا ۽ چلينج“ جي  عنوان ھيٺ ھڪ خانگي ھوٽل ۾ هڪ ڏينهن جي سنڌ قومي ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، جنھن ۾ ميرپور خاص، عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ضلعن جي سڄاڻ ڌرين شرڪت ڪئي، سنڌ قومي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ چيو ته مختلف وقتن ۾ پاڪستان پنھنجي پرڏيهي پاليسي وڪڻي ملڪ ۾ پيسو آندو ۽ اهو عمل خاص ڪري ضياء ۽ مشرف جي دور ۾ عام ھو جنھن جا مثال اوهان کي افغان جنگ ۾ نظر ايندا، هاڻي سنڌ ۾ پ پ پنهنجي حڪومت کي ڊيگهه ڏيڻ لاء سنڌ جو سودو ڪيو آھي جنهن ۾ وفاقي حڪومت سان معاهدا ڪري سنڌ جا ٻيٽ، زرعي زمينون، پاڻي، معدنيات ۽ ٻيا وسيلا کپائي ڏنا آھن. سنڌ مان ڪرپشن تحت پيسو ڪٺو ٿي ٻاهر وڃي ٿو ۽ وري واپس ۾ سفيد ناڻو ٿئي ٿو. ھن ملڪ ۾ جنرلن جي مقرري توڙي معاشي آمدني ۽ قرض ٻاهرين قوتن جي ڪنٽرول ۾ آھي.اسان خوشحال سنڌ جو خواب کڻي اوهان وٽ آيا آھيون اوهان جي ساٿ ۽ سهڪار سان سنڌ خودمختيار ٿيندي، اگر اسان هاڻي سجاڳ نه ٿياسين ته زرعي زمين سان گڏوگڏ سنڌ جا وسيلا به تين وال ڪيا ويندا. ڊاڪٽر شميم مري خطاب ڪندي ترقي جي نالي ۾ ايندڙ بجيٽ ۾ ڪرپشن جا انگ اکر ٻڌايا جن ڪري سنڌ ۾ ۽ خاص ڪري ميرپورخاص ۾ ترقي نالي ماتر ئي آھي. ايس يو پي جي مرڪزي سينئير نائب صدر روشن علي ٻرڙو،مرڪزي جنرل سيڪريٽري جڳديش آھوجا،مرڪزي نائب صدر امير آزاد پنھور،نائب صدر عارف نياز آرائين کان علاوه عبدالمومن ميمڻ،علي حسن لغاري،مير اعجاز ٽالپر، قاسم شاھ پنھنجي خطاب دوران سنڌ ۾ بدحال معشيت تباھ حال ادارا ڪرپشن ۽ سنڌ دشمن منصوبن تي ڳالهايو.خالد جوڳي خطاب ڪندي سنڌي ٻولي کي موجود خطرن تي ڳالهائيندي چيو ته ٻولي اها زنده رهندي جيڪا مارڪيٽ ۾ رهندي.

SUP ZainShah economyofpakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.