ڪراچي پوليس ڏوهارين کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي:حافظ نعيم

ڪراچي (رپورٽر) امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته حڪومت ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، ڪراچي پوليس ڏوهارين  کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم چيو ته 5 سالن ۾ ڦر جا 90 هزار واقعا ٿيا، رڳو 5 مهينن ۾ 78 کان وڌيڪ شهري ڦرن جو شڪار ٿيا، اسٽريٽ ڪرائم جا واقعا لاهور ۾ به ٿين ٿا، ان ڪري اهي به غلط آهن. امير جماعت اسلامي چيو ته اوهان نوجوانن کي نه تعليم ڏئي رهيا آهيو ۽ نه روزگار، ماڻهن کي موبائيل فون ۽ موٽرسائيڪل تي ماريو وڃي ٿو، دنيا ۾ ڪٿي به ائين عام شهرين کي نشانوناهي  بڻايو ويندو . حافظ نعيم چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ پيپلزپارٽي ڀتا خوري جي ڪلچر کي فروغ ڏنو، عوام انهن کي چونڊن ۾ رد ڪيو پر اهي اسان تي مڙهيا ويا، اهو خوف اسان تي لڳايو پيو وڃي، جيڪي فارم 47 لڳائي حڪومت ڪندا آهن . هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي پوليس ڌاڙيلن تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، حڪومت ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، ماڻهو مايوس ٿي رهيا آهن، والدين هاڻي پنهنجن ٻارن کي ٻاهر موڪلڻ چاهين ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.