ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي پابنديون جمهوريت سان مذاق آهن: لال جروار

جنگشاھي ( ن ع آ) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، حور النسا پليجو، شاهين خاصخيلي، ڪائنات ڏاهري ۽ ساجده پرهياڙ پنھنجي جاري ڪيل گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته 5 جون تي سنڌياڻي تحريڪ ۽ سنڌي گرلس اسٽوڊنٽ تحريڪ طرفان جنگشاھي کان رسول بخش پليجي جي آخري آرام گاهه تائين بائيڪ ريلي ڪڍي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي. هنن چيو ته رسول بخش پليجو مسلسل جدوجھد جو نالو آهي. رسول بخش پليجي سنڌي قوم جي قومي وجود بچائڻ لاءِ تاريخي تحريڪن جي اڳواڻي ڪئي. اڳواڻن چيو ته صحافين جي قتل ملڪ جي بدترين جمهوري حڪومت جو مڪروه چهرو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. هنن وڌيڪ چيو ته اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ سوشل ميڊيا تي پابنديون جمهوريت سان مذاق آهن. ميڊيا تي پابنديون لڳائيندڙ سمورا ڪارا قانون ختم ڪيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.