سمورن ڪيسن کي منهن ڏئي سرخرو ٿيندس: عمران خان

راولپنڊي ( م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان سائفر ڪيس ۾ بريت تي چيو آهي ته سمورا ڪيس ڪوڙا آهن، سمورن ڪيسن کي منهن ڏئي سرخرو ٿي ويندس.اڊيالا جيل ۾ عمران خان سان قانوني ٽيم جي  ميمبرن خواجا حارث، انتظار پنجوٿا ۽ شاهه فيصل ايڊووڪيٽ ملاقات ڪئي.ملاقات جي حوالي سان انتظار پنجوٿا چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ نيب ترميمي ڪيس جي حوالي سان قانوني ٽيم ملاقات ڪئي ۽ کين سائفر ڪيس ۾ بريت بابت آگاهه ڪيو.هن چيو ته پي ٽي آءِ باني چيو ته سمورا ڪيس ڪوڙا آهن، سمورن ڪيسن کي منهن ڏئي سرخرو ٿي ويندس. واضح رهي ته ان کان علاوه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي کي سائفر ڪيس ۾ سندن سزا ڪالعدم قرار ڏيندي بري ڪري ڇڏيو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.