چيف جسٽس ۽ جسٽس منيب ۾ جملن جي ڏي وٺ

اسلام آباد(م ڊ) سني اتحاد جي سيٽن بابت ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ۽ جسٽس منيب ۾ جملن جي ڏي وٺ ٿي. جسٽس فائز وڪيل کي سوالن جا جواب ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ درخواستگذار جي وڪيل فيصل صديقي کي ججن جي سوالن جا جواب ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اسان توهان جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ ويٺا آهيون.   جيڪڏهن توهان پنهنجا دليل نه ڏيو ته مان ڪيئن سمجهان ته توهان جي لاءِ ڇا لکان، منهنجو خيال آهي ته فيصل صديقي صاحب، اسان توهان جي ڳالهه ٻڌي رهيا آهيون جسٽس منيب اختر چيو ته هي غير ذميواراڻو بيان آهي، فل ڪورٽ ۾ موجود هر جج کي سوال پڇڻ جو حق آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته فيصل صاحب اڳتي وڌو، مان نرم انداز ۾ ڳالهايو، جسٽس منيب اختر چيو ته غير ذميواراڻو بيان ڏنو قبول نه ٿو ڪري سگهجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.