ڪراچي ( فيچر اسٽوري/ زاهد ميراڻي ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻن ججن تي مشتمل عدالت هڪ ڪيس جي ٻڌڻيءَ جو فيصلو سنڌي ٻوليءَ ۾ جاري ڪري، سنڌ جي عدالتي تاريخ ۾ هڪ نئون باب تحرير ڪري ڇڏيو آهي، تفصيل موجب جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عبدالرحمان، درخواست گذار راه راست ٽرسٽ ( رجسٽرڊ) جي چيئرمين آغا سيد عطاءُ الله شاهه پاران عدالت ۾ داخل درخواست تي ڪارروائي ڪئي جنهن جي ٻڌڻي 28.03.2024 تي هُئي ۽ ان جو فيصلو 17.05.2024 تي ٻڌايو ويو، ٻنهي ججن تي مشتمل عدالت جيڪو فيصلو ٻڌايو درخواست گذار کي ان جي تحريري ڪاپي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڏني وئي ۽ اهڙي نموني جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عبدالرحمان سنڌ جي عدالتي نظام ۾ 1843ع کان رائج ٿيل سنڌي ٻوليءَ جي استعمال جي ٽٽل سلسلي کي وري نئين سر جوڙي هڪ نئين تاريخ لکي آهي. 1843ع ۾ انگريز سامراج سنڌ تي قبضو ڪيو، جنهن بعد 1845ع ۾ بمبئيءَ جي بورڊ آف ايڊيوڪيشن ۾ سنڌ ۾ تعليمي ايجنسي جوڙڻ جو سوال اٿيو ۽ سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ صوبي جي سرڪاري زبان بڻائڻ جو مطالبو پڻ ٿيو ان تحريڪ زور ورتو جنهن جي نتيجي ۾ مادري ٻوليءَ ۾ تعليم ڏيڻ جو سوال ڪيو ويو. 1848ع ۾ بمبئي صوبي جي گورنر سر جارج ڪلارڪ ھڪ حڪم نامي ذريعي سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي دفتري ٻولي بنائڻ جو حڪم نامو جاري ڪيو. ان وقت سنڌي ٻولي جي ڪا مقرر صورتخطي نه هئي، جنهن ڪري سنڌي ٻوليءَ کي باضابطه نموني دفترن ۾ رائج ڪرڻ مشڪل ٿي لڳو ان ڪري 1852ع انگريز سرڪار سنڌي ٻوليءَ لاءِ هڪ صورتخطي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اهڙي ڪم لاءِ ڏهه ميمبر تي مشتمل هڪ ڪميٽي جوڙي وئي جنهن ۾ چار هندو ۽ چار مسلمان ۽ ٻه انگريز ميمبر شامل هيا. تمام گهڻي بحث مباحثي ۽ تحقيق بعد سنڌي زبان لاءِ ” عربي سنڌي“ صورتخطي مقرر ٿي. ان وقت سنڌ جي ڪمشنر سربارٽل فريئر جي سفارش تي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ سنڌي لکڻ لاءِ عربي سنڌي رسم الخط کي سنڌي ٻولي لکڻ لاءِ اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. بعد ۾ سنڌ جي ڪمشنر 25 مارچ 1857 ع تي سنڌ جي سمورن ڪليڪٽرن ڏانهن حڪم نامو جاري ڪري کين حڪم ڪيو ته سنڌيءَ ٻوليءَ کي روينيو ۽ عدالتي کاتن ۾ فوري طور تي استعمال ۾ آندو وڃي. 29-آگسٽ 1857ع تي ڪمشنر سنڌ ” سر بارٽل فريئر“ پاران جاري ڪيل هڪ پڌرائي ۾ عام ماڻهن کي پڻ اطلاع ڏنو ويو ته ” سنڌ جي درٻار ۾ هر قسم جي لکت ۽ ڪارگذاري سنڌي ۾ لکي موڪلي وڃي، ڪمشنر 28 ڊسمبر 1858 ع تي بمبئي سرڪار کي اطلاع پڻ موڪليو ته سنڌ صوبي ۾ سنڌيءَ کي دفتري ۽ حساب ڪتاب جي ٻولي بنايو ويو آهي.سنڌي ٻولي جي قدامت جو اندازو لڳائڻ مشڪل آهي جو ٻولي ۽ قديم آثارن جا ماهر ان جو تعلق ست کان اٺ هزار سال اڳ ڦوهه جوانيءَ ۾ زنده رهندڙ سنڌو تهذيب سان جوڙين ٿا، جنهن جو اثر ۽ تعلق ميسوپوٽيما ۽ مصر جي قديم تهذيبن سان پڻ ڄاڻايو وڃي ٿو. قديم دور کان سنڌ جي سفر تي ايندڙ سياحن ۽ محققن جي احوالن موجب ديبل، منصوره ۽ ملتان ۾ (مسلمانن جي دور ۾) عربي ۽ سنڌي ٻوليون ڳالهيون وينديون هيون، سن 270هه (883ع) ۾ قرآن پاڪ جو سنڌي ٻوليءَ ۾ پهريون ترجمو به ڪيو ويو، جنهن مان پڪ ٿئي ٿي ته سنڌي ٻولي نه فقط ان وقت ڳالهائي ويندي هُئي پر ان وقت ويا ڪرڻ جي اصولن تحت لکي پڻ ويندي هُئي اهو ئي سبب آهي جو قرآن پاڪ جو ترجمو سنڌي ٻوليءَ ۾ ئي ممڪن ٿي سگهيو. ان دور جي کوجنائن مان پڻ اهو ثابت آهي ته عرب حڪومت جي شروعات کان اڳ سنڌي زبان عام ماڻهن جي روزاني ڳالهه ٻولهه جو پڻ بنيادي ذريعو هُئي جيڪا تجارت توڙي واپار جي استعمال جي زبان پڻ هئي ۽ سنڌ جي عام ماڻهن، واپارين ۽ عالمن وٽ مقبول پڻ هئي. 1947ع جي ورهاڱي بعد برصغير ۾ پاڪستان ۽ هندستان نالي ٻه الڳ الڳ ملڪ وجود ۾ آيا، جن مان پاڪستان ۾ سنڌ، بلوچستان، سرحد ۽ پنجاب شامل هئا جيڪي هڪ فيڊريشن جي ضابطي ۽ شرطن تحت هڪ وفاقي ملڪ ۾ شامل ٿي ويا، اهڙي نموني سنڌ پنهنجي هزارين سالن جي تاريخ ۾ هڪ الڳ ملڪ واري حيثيت مان ڦري هڪ صوبي جي حيثيت اختيار ڪري ورتي، جتان سنڌ جي هر شعبي، سماجي اداري، حڪومتي کاتن، قومي ريتن رسمن، ٻوليءَ ۽ ادب جو زوال شروع ٿي ويو، جڏهن ته سنڌ ٻوليءَ جي قديمي ۽ شاهوڪار ۽ اصلوڪي حيثيت کي ختم ڪري ان کي سرڪاري ادارن ۽ سماج مان خرج ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو، انگريزن جي دور ۾ جنهن سنڌ ٻوليءَ کي سرڪاري، دفتري ٻولي قرار ڏنو ويو هو هاڻي اها ٻولي پنهنجي حيثيت وڃائي ويٺي هئي، جنهن جي بحاليءَ لاءِ بعد ۾ ڪنهن حد تائين ڪوششون پڻ ٿيون ۽ سنڌ اسميبليءَ ۾ سنڌ ٻوليءَ جي حيثيت بحال ڪرائڻ لاءِ بل به پيش ٿيو پر ان جدوجهد ڪا ڪاميابي نه ماڻي ۽ سياسي مسئلن جي ور چڙهي وئي. 1947ع بعد سنڌ ٻولي جيڪا عدالتي لکپڙهه جي ٻوليءَ جي حيثيت وڃائي چڪي هُئي ان کي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻن ججن جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عبدالرحمان هڪ درخواست جي ٻڌڻيءَ بعد 17.05.2024تي ان جو فيصلو ٻڌايو ، اهڙي فيصلي جي ڪاپي سنڌي ٻوليءَ ۾ جاري ڪئي وئي ۽ ان تي ٻنهي معزز ججن جون صحيحون ۽ عدالت جي مهر ثبت ڪري درخواست گذار کي ڏني وئي، اهڙي نموني سنڌي ٻوليءَ جي عدلتي نظام ۾ 181 سالن بعد جيڪا حيثيت وڃائي هُئي اها وري بحال ٿي وئي آهي.