ڪينجهر ڀرسان جوابدار ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو

سونڊا(رپورٽ: ارشاد گندرو) ڪينجهر ڍنڍ ويجهو ڳوٺ علي بحر ۾ هڪ نوجوان سڌا فائر ڪري پنهنجي 25 ورهين جي ڀيڻ آمنت ۽ 25 ورهين جي نوجوان سئوٽ آصف سومرو کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. حد جي  پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال مڪلي روانا ڪيا، جوابدار فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ڪينجهر پوليس کيس گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب ڌرين ۾ پاڻ ۾ پراڻو تڪرار هلندڙ آهي، پوليس مطابق گرفتار جوابدار اعتراف ڪيو آهي ته آصف سومرو واري ڌر وارا مون تي هر وقت تشدد ڪندا رهن ٿا اڄ صبح جو به مون تي تشدد ڪيو ويو ته گهران رائفل کڻي ٻاهر هوٽل تي ويٺل آصف سومرو کي قتل ڪرڻ لاءِ نڪتس ته ڀيڻ کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته کيس گولي لڳي وئي، جنهن بعد هُن هوٽل تي ويٺل آصف سومرو تي فائر ڪري کيس قتل ڪيو، واپس گهر آيس ته خبر پئي ته ڀيڻ به مارجي وئي آهي. جڏهن ته مقتول آصف سومرو جي وارثن موجب اسان جو حنيف سومرو واري ڌر سان پراڻو تڪرار هلندڙ آهي، جنهن تان اسان جي نوجوان کي قتل ڪيو ويو آهي. علائقي ۾ اهي پڻ چوٻول هلندڙ آهن ته مقتول نوجوان آصف سومرو ۽ مقتولا آمنت کي ڪارو ڪاري جي الزام هيٺ حنيف سومرو ٻٽو قتل ڪيو آهي. جڏهن ته ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر عمران خان واقعي جو نوٽيس وٺندي علائقي ۾ پوليس پڪٽ قائم ڪري علائقي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ واري صورتحال کي روڪڻ لاءِ وڏي پوليس نفري مقرر ڪري ڇڏي آهي. ايس ايس پي موجب ڇڪتاڻ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پوليس پڪٽ قائم ڪئي وئي آهي مقتول نوجوان جا وارث ايندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.