ملڪي بحران جو سبب پنجابي اشرافيه جا تضاد آهن: توصيف احمد

ڪراچي (م ڊ)مشهور دانشور ڊاڪٽر توصيف احمد خان چيو آهي ته پنجابي اشرافيه ۾ تضاد اڀري رهيا آهن، موجوده سياسي بحران ان جو نتيجو آهي. چونڊن ۾ دانڌلين، غير جمهوري روين سبب جمهوريت ڪڏهن به مضبوط نه ٿي سگهي آهي. اهڙو اظهار هن هڪ انٽرويو ۾ ڪيو. هن چيو ته فوجي حڪومتن جي اچڻ سبب ملڪ ۾ سياسي قيادت جو بحران آهي، غير جمهوري قوتون ملڪي تاريخ ۾ گهڻو عرصو اقتدار ۾ رهيون آهن. آمريتن جي دور ۾ سياستدانن کي ڏوهاري ۽ غدار ثابت ڪيو ويندو آهي. ٻيو سبب شاگرد سياست تي پابندي آهي، جنهن سبب حقيقي قيادت نه اڀري سگهي آهي. هن چيو ته لڳاتار چونڊن جو ٿيڻ ۽ ٿيندڙ اليڪشنن ۾ دانڌلين ۽ سماج ۾ غير جمهوري روين سبب پاڪستان ۾ جمهوريت نه وڌي سگهي آهي. اسٽيبلشمينٽ کي عوام جي بالادستي کي تسليم ڪرڻ گهرجي. آئين  تحت بنيادي ادارا، انتظاميا، عدليه ۽ عوام تي ٻڌل هجڻ گهرجن. هن چيو ته پاڪستان هڪ سڪيورٽي اسٽيٽ آهي، هتي عوامي نمائندگي جي کوٽ آهي. انتهاپسندي کي هٿي مليل آهي، جيڪا وڏو سماجي مرض آهي. ان جي خاتمي لاءِ ڪيترن ئي قانونن تي نظرثاني ڪرڻي پوندي. هن چيو ته عمران خان جي سياست کي مان پنجابي اشرافيه جي تضاد طور ڏسان ٿو. ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو رياستي آپريشن جو رخ پنجابين طرف ٿيو آهي. ان کان اڳ اهي پختونن، سنڌين ۽ مهاجرن خلاف آپريشن ٿيندو رهيو آهي. اهو تضاد ئي سياسي بحران جو نتيجو آهي. هڪ چيو ته پاڪستان کي فڪري انقلاب ۽ سيڪيولر ازم جي ضرورت آهي، ان کانسواءِ ڪو به چارو ناهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته شاگرد يونين جي بحالي ۾ اسٽيبلشمينٽ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي. شاگردن ۾ شعور وڌائڻ لاءِ شاگرد يونين کي بحال ڪرڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.