اسلام آباد(م ڊ) قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي تازي تاريخ تي نظر وجهبي ته خبر پوي ٿي ته جڏهن به عدالتون پوليس ۽ گهرو وزارت جي آفيسرن کي ڦاهي کان اڳتي وڌيون ۽ گم ٿيل ماڻهن جي ڪيسن ۾ ڳجهن ادارن جي آفيسرن کي طلب ڪيو ته گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي جا امڪان وڌي ويا. اسلام آباد ۾ گم ٿيل ماڻهن جي ڪيسن جي ڪوريج ڪندڙ صحافين موجب ڪيترائي ڀيرا ڏٺو ويو آهي ته هڪ طرف عدالتن ڳجهن ادارن جي اهلڪارن کي طلبي جا نوٽيس جاري ڪيا آهن ته ٻئي طرف ماڻهو يا ته واپس گهرن ڏانهن هليا ويا آهن يا سندن ڪجهه ڪيسن ۾ گرفتاريون عام ڪيون ويون آهن.