سنڌ سرڪار پاران اسٽيل مل هلائڻ جو فيصلو،ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِِ وزارتي ڪميٽي قائم

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ، ايڪسائز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ اوٻاوڙو ۾ پرائمري استان جي مقررين  جي منظوري ڏني وئي آھي، روڊ تي ملبو اُڇلائڻ وارين کي گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي. سنڌ ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته اجلاس ۾ اي لاجسٽڪ پورٽل آڻڻ ۽ اي پيمنٽ جي سھولت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو، سنڌ۾  48 کاتا آھن، 16 کاتن کي ڊجيٽلائز ڪيو ويندو ۽ اُنھن سمورن کاتن جو ڪم ھاڻي ڪمپيوٽرائزڊ ٿي ويندو، جنھن سان کاتن جي شفافيت يقيني ٿي ويندي، عوام جا مسئلا آن لائن حل ٿي سگھندا، ورلڊ بينڪ جي سھڪار سان اھو ڪم ھن سال ئي مڪمل ٿي ويندو، اُنھن کاتن ۾ فوڊ، ماحوليات، روينيو، ايس بي سي اي، بلديات سميت ٻيا کاتا شامل آھن، ھن چيو تھ ملير ايڪسپريس وي وٽ 100 ايڪڙ زمين تي اسپيشل ٻارن جي لاءِ جديد اسپتال، اسڪول آٽزم سينٽر ۽ راندين جو ميدان ٺاھيو ويندو، جنھن جي سنڌ ڪابينا منظوري ڏئي ڇڏي آھي،هن چيو تھ ڪابينا اجلاس ۾ اليڪٽرڪ ڪارن جي رجسٽريشن فيس 1000 رُپين ۾ وڌيڪ ٻن سالن جي واڌ ڪئي وئي آھي، اسان اڳواٽ ئي پنجاھھ اي وي بسون آنديون آھن، ھاڻي نوان روٽ شروع ڪيا ويندا، اسان جو ٽارگيٽ 8 ھزار بسون ھلائڻ جو آھي. ھن چيو تھ سنڌ ڪابينا جي اجلاس کي اسٽيل مل جي سلسلي ۾ وفاقي حڪومت سان جاري ڳالھين بابت آگاھي ڏني وئي، اسٽيل مل تي وفاقي حڪومت ۽ سنڌ سرڪار ۾ تفصيلي ڳالھيون ٿيون آھن ۽ اسٽيل مل کي ھلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي، اسٽيل مل جي زمين تي سنڌ سرڪار ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون قائم ڪري رھي آھي، ھي اسپيشل اڪنامڪ زون ھوندو ۽ ان زون مان ٿيندڙ ڪمائي سان اسٽيل مل کي پنھنجي پيرن تي بيھاريو ويندو. شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ سنڌ سرڪار مختلف کاتن لاءِ ھائوسنگ سوسائٽيز ٺاھي رھي آھي، اُنھن سوسائٽيز ۾ سرڪاري ملازمن کي انتھائي گھٽ قيمت تي پلاٽ ڏنا ويندا ۽ سرڪاري ملازمن قسمن ۾ پلاٽن جي قيمت ادا ڪري سگھندا. ھن چيو تھ ڪارپوريٽ ايگريڪلچرل فارمنگ منصوبي لاءِ سرڪاري زمين جي معاملي تي ڪابينا جي وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي وئي آھي جيڪا فيصلو ڪندي،ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ سفارشون پيش ڪيون وينديون، نگران حڪومت ڪارپوريٽ زرعي فارمنگ منصوبي لاءِ 52 ھزار 713 ايڪڙ سرڪاري زمين ڏني ھُئي.شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ڪابينا اجلاس ۾ حب ندي تي پاڻي جي پلانٽ جي منظوري ڏني وئي آھي، ھن چيو تھ ڪراچي ۾ اي وي بس جا نوان روٽ شروع ڪيا ويندا،ڪابينا سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب ڪنٽونمينٽ وارن علائقن مان پراپرٽي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ ۽ اوڳاڙي ڪرڻ جي منصوبي جي منظوري ڏني، ڪابينا سيڪريٽري ليبر (چيئرمين) جي صدارت هيٺ سنڌ هوم بيسڊ ورڪرز ايڪٽ 2018 جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن ۾ سيڪريٽري سوشل ويلفيئر، وومين ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ، ڪمشنر سي ايس ايس آءِ، سيڪريٽري ورڪر ويلفيئر بورڊ، ڊي جي سي ايس آءِ، ملازمن جا نمائندا، گهر تي ٻڌل مزدور ۽ هڪ وڪيل شامل آهن. ڪائونسل مختلف علائقن ۾ گھر جي بنياد تي ڪم ڪندڙن جي سڃاڻپ ۽ نگراني ڪندي، بشمول انھن جي رجسٽريشن، گھر جي بنياد تي ملازمن جي رجسٽريشن، معاوضو، معاهدو، ملازمت يا انعام؛ ان مقصد لاءِ گھريلو ملازمن جي رجسٽريشن رڪارڊ جي سار سنڀال ۽ علائقائي يا ڊويزنل، ضلعي ڪميٽين جو قيام عمل ۾ آڻيندي، هن اهو پڻ ٻڌايو ته سنڌ حڪومت جي 48 مان 16 کاتن کي S-BOSS ۾ ضم ڪيو ويندو. S-BOSS پاران شامل ڪيل شعبن ۾ فوڊ اٿارٽي، ڊپارٽمينٽ آف هيلٿ، انوائرمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي (EPA)، تعليم، صنعت ۽ ڪامرس، ليبر، ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن، توانائي، SESSI، SRB، BOR، زراعت، SBCA ۽ لوڪل گورنمينٽ شامل آهن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.