حيدرآباد ۾ گئس سلينڊر ڌماڪي ۾ ٻارن سميت 39 کان وڌيڪ زخمي،3 ڄڻا فوت

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي علائقي پريت آباد ۾ ايل پي جي گئس سلينڊر جي دڪان ۾ زوردار ڌماڪو، عورتن، مردن ۽ ٻارڙن سميت 38 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا. علائقي ۾ خوف ۽ افراتفري پکڙجي وئي، زخمين  کي سول اسپتال آندو ويو، ڪيترن زخمين جي ڳڻتي جوڳي حالت، 19 زخمي ڪراچي منتقل. حيدرآباد جي پريٽ آباد واري علائقي جي ويم گهر ڀرسان اڪرم آرائين پٽ منشي جي ايل پي جي گئس سلينڊر جي دڪان ۾ اوچتو زوردار ڌماڪو ٿيو، ڌماڪو ايترو ته زوردار هو جو ڌماڪي جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو، ڌماڪي کانپوءِ باهه ڀڙڪي پئي، دڪان ۾ پيل گئس سلينڊر به ڦاٽي پيا، باهه جي شدت دڪان مٿان بلڊنگ ۾ موجود فليٽن ۽ آس پاس جي گهرن کي به پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، جنهن سبب گهرن ۾ موجود عورتون ۽ ٻارڙا دانهون ڪندا رهيا، باهه سبب 12 ٻارڙن ۽ 10 عورتن سميت 38 ڄڻا سڙي زخمي ٿي پيا، جڏهن ته واقعي جي اطلاع تي فائر برگيڊ، ريسڪيو 1122، ايڌي، ڇيپا ۽ ٻين ادارن جي امدادي ٽيمن پهچي باھه تي ضابطو آندو ۽ زخمين طبي امداد ڏيارڻ لاءِ کين اسپتال منتقل ڪرايو ويو، ڳتيل آبادي هئڻ ۽ واقعي کانپوءِ روڊ تي ٽريفڪ جام هئڻ سبب ايمبولينسون ڦاسي پيون ۽ امدادي سرگرميون متاثر ٿيون، اهڙي صورتحال سبب علائقي واسين پنهنجي مدد پاڻ تحت زخمين کي رڪشائن ۽ ٻين گاڏين ۾ اسپتال پهچايو، انتظاميا موجب واقعي سڙي زخمي ٿيل جو انگ وڌي 38 ٿي ويو آهي، جن ۾ 12 کان وڌيڪ ٻارڙا شامل آهن، زخمين ۾ ايل پي جي گئس سيلينڊر دڪان جو مالڪ محمد اڪرم پٽ، منشي، 60 ورهين جو ذوالفقار، 14 ورهين جي خديجا، 14 ورهين جو عباس، 13 ورهين جو آذان، 25 ورهين جو فيضان، 7 ورهين جو رئيس، 8 ورهين جو عباد، 30 ورهين جي عاليه، 40 ورهين جو علي حسن، اڪرم، 10 ورهين جو علي حسن، 15 ورهين جو رضا سميت 40 ڄڻا زخمي شامل آهن، جڏهن ته انتظاميا پاران ڳڻتي جوڳي حالت ۾ 20 کان زخمين کي ڪراچي اسپتال منتقل ڪرايو ويو، ٻين کي سول اسپتال جي برنس وارڊ ۽ ڪجهه زخمين کي آئي سي يو وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آهي. پوليس ۽ سول اسپتال انتظاميا موجب ڪيترن ئي زخمين جي ڳڻتي جوڳي حالت آهي، سندن زندگيون بچائڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن. واقعي کانپوءِ سول اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي. سول اسپتال جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ اعجاز عباسي جو چوڻ هو ته گئس سيلينڊر ڦاٽڻ سبب 38 ڄڻا سڙي زخمي ٿيا آهن، جن مان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ هجڻ وارن کي ڪراچي منتقل ڪيو پيو وڃي. حيدرآباد جو ميئر ڪاشف شورو، ڊپٽي ڪمشنر زين العابدين ميمڻ ۽ ٻيا  واقعي واري هنڌ پهتا، جڏهن ته هنن اسپتال جو پڻ دورو ڪري زخمين جي عيادت ڪئي. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي قومي اسيمبلي جي ميمبرن سيد وسيم حسين، عبدالعليم خانزاده ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر ناصر قريشي ۽ ٻيا پڻ واقعي واري هنڌ موجود هئا. ايس ايس پي حيدرآباد فرخ لنجار اسپتال ۾ ميڊيا کي ٻڌايو ته اهڙي غير قانوني ڪاروبار کي بند ڪرڻ لاءِ آپريشن ڪيو ويندو، جڏهن ته  ڌماڪي ۾ ڪراچي منتقل ڪيل زخمين مان هڪ ٻارڙي سميت 3 ڄڻا زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا،جڏهن ته وڏو وزير مراد علي شاهه،شرجيل ميمڻ ۽ ٻيا وزير  سول اسپتال ۾ زخمين جي عيادت لاءِ  پهچي ويا.

  1. ايس ايس پي سول اسپتال پهتو،زخمين جي عيادت

حيدرآباد: گئس سيلنڊر جي ڌماڪي جي اطلاع تي ايس ايس پي حيدرآباد ڊاڪٽر فرخ علي سول اسپتال پهتو. ايس ايس پي حيدرآباد گيس سيلينڊر ڌماڪي سبب سڙي فوت ٿيل مردن، ٻارن ۽ عورتن جي عيادت ڪئي. ان موقعي تي سول اسپتال جو ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ، لاڳاپيل ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ميڊيا سان ڳالهائيندي ايس ايس پي حيدرآباد چيو ته پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي امدادي ڪارروايون ڪري رهي آهي، باهه ۾ سڙي ويل مردن، عورتن ۽ ٻارڙن کي سول اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي، هن وقت اسان جي اولين ترجيح باهه جي متاثرن جي مدد ڪرڻ آهي ان کانپوءِ واقعي جي مڪمل جاچ ڪئي ويندي.

  1. ڊي آءِ جي حيدرآباد نوٽيس ورتو،رپورٽ طلب

 

حيدرآباد: ڊي آءِ جي طارق رزاق ڌاريجو حيدرآباد رينج پنياري ٿاڻي جي حد پريٽ آباد ميٽرنٽي اسپتال ڀرسان ايل پي جي گئسسلينڊر جي دڪان ۾ ڌماڪي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي حيدرآباد کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

  1. سوڙهيون گهٽيون هئڻ ڪري امدادي ڪاررواين ۾ ڏکيايون

حيدرآباد: گئس سيلينڊر جي ڌماڪي وارو علائقو انتهائي ڳتيل آبادي آهي، ننڍڙيون سوڙهيون گهٽيون هجڻ ڪري ڄاڻايل علائقي ۾ امدادي ڪارروايون جاري رکڻ ۾ ڏکيايون پيش آيون، ڌماڪي ۾ زخمين ٿيلن کي مقامي رهواسين ۽ مٽن مائٽن رڪشائن ۾ کڻي سول اسپتال پهچايو، ڌماڪي واري جاءِ تي پوليس اهلڪارن سان گڏ فائر برگيڊ جو عملو پڻ پهتو.

  1. چيف سيڪريٽري واقعي جو نوٽيس ورتو

 

حيدرآباد: سنڌ جي چيف سيڪريٽري سيد آصف حيدر شاهه به حيدرآباد ۾ سلينڊر ڌماڪي جو نوٽيس ورتو، چيف سيڪريٽري ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد کي واقعي واري هنڌ پهچڻ ۽ سمورن زخمين کي فوري طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

  1. ڌماڪي واري هنڌ کليل پيٽرول جو دڪان هجڻ جو به انڪشاف

حيدرآباد: گئس سيلينڊر جي دڪان جي سامهون هڪ دڪان تي بوتلن ۾ کليل پيٽرول وڪرو ڪرڻ جو دڪان هجڻ جو پڻ انڪشاف  ٿيو آهي، علائقي واسين موجب گئس سيلينڊر جي دڪان ۾ ٿيل ڌماڪي کانپوءِ ان جي سامهون وارن دڪانن کي به باهه وڪوڙي وئي، جنهن سبب ٻنهي پاسن کان دڪانن مٿان اڏيل گهر به باهه جي لپيٽ ۾ اچي ويا، کليل پيٽرول واري دڪان مان پڻ باهه وڌي وئي.

  1. ڳتيل آبادي ۾ سلينڊر دڪانن جو ذميوار ڪير؟

حيدرآباد: ڳتيل آبادي واري علائقي ۾ سلينڊر ۽ گئس ڀرڻ جو غير قانوني دڪان کولڻ جو ذميوار ڪير آهي،سوشل ميڊيا تي اهي سوال اٿي رهيا آهن ته ڳتيل آبادي واري علائقي گئس سيلينڊر ۽ ايل پي جي گئس ڀرڻ جو دڪان کولڻ جو نوٽيس نه وٺڻ ڪري اڄ هي وڏو واقعو ٿيو آهي.حيدرآباد ۾ گئس سلينڊر جي دڪانن ۾ ڌماڪا ٿيڻ جا ڪيترائي واقعا ٿي چڪا، پر انتظاميا غير قانوني طور تي هلندڙ انهن دڪانن کي بند ڪرائڻ جي لاءِ ڪا به ڪارروائي عمل ۾ نه آندي، اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر طارق قريشي ايل پي جي سلينڊر جا ڪجهه دڪان سيل ڪيا هئا، پر پوءِ به اڪثر دڪان اڃا تائين هلندڙ آهن. شهرين مطالبو ڪيو آهي ته بغير لائسنس جي ايل پي جي گئس سيلينڊر جا دڪان هلائيندڙ مالڪن خلاف سخت ڪارروائي ڪري دڪان سيل ڪيا وڃن.

  1. ڌماڪي واري هنڌ انتهائي دل ڏاريندڙ منظر

حيدرآباد: ڌماڪي واري جاءِ جا انتهائي ڏکوئيندڙ منظر هئا، ڌماڪي کانپوءِ هر طرف افراتفري پکڙجي وئي، علائقي واسي پنهنجن پيارن کي  بچائڻ جي لاءِ ڊوڙندا رهيا، ڀرپاسي وارن علائقن جا سوين ماڻهو پڻ پهتا، سخت گرمي ۾ ماڻهن جا هجوم هجڻ ڪري گهٽ ۽ ٻوسٽ وارو ماحول پيدا ٿي ويو، جنهن جي ڪجهه ماڻهو بيهوش پڻ ٿي ويا، زخمي ٿيل عورتن، مردن ۽ ٻارڙن کي هڪٻئي جي پويان رڪشائن ۽ ٻين گاڏين ۾ اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.