وفاقي بجيٽ 10 جون تي پيش ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (م ڊ) نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ 10 جون تي پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب 10 جون  تي بجيٽ پيش ڪندو. ناڻي واري وزارت بجيٽ جي تيارين کي حتمي شڪل ڏئي رهي آهي. ذريعن موجب بجيٽ ۾ آءِ ايم ايف جا شرط به شامل ڪيا پيا وڃن. ٻئي طرف ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب وقتي صدر يوسف رضا گيلاني سان ملاقات ڪري بجيٽ جي تياري بابت بريفنگ ڏني. ناڻي واري وزير خساري تي ضابطو آڻڻ لاءِ حڪومتي قدمن کان به آگاهه ڪيو. هن چيو ته ٽرن اوور ۾ واضح گهٽتائي حڪومت جي مسلسل قدمن جو نتيجو آهي. وقتي صدر يوسف رضا گيلاني چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ عوام کي وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ ۽ روينيو وڌائڻ لاءِ جامع حڪمت عملي جي ضرورت آهي. هن چيو ته بجيٽ ۾ زراعت جي شعبي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ خاص قدم کنيا وڃن، زراعت ملڪي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي. ان لاءِ هاري دوست بجيٽ آڻڻ گهرجي، زرعي شعبي جي ترقي لاءِ ڊگهي مدي وارا قدم ضروري آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.