شهيد نصرالله گڏاڻي جي امڙ پاران پوليس تي بي اعتمادي،عدالتي ڪميشن جو مطالبو

گهوٽڪي (رپورٽ:آزاد مھر) شهيد صحافي نصرﷲ گڏاڻي جي امڙ ۽ ڪيس جي فريادڻ مائي پٺاڻي پاران پوليس تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي عدالتي جاچ ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو، خبرموجب شهيد صحافي  نصرﷲ گڏاڻي جي امڙ ۽ ڪيس جي فريادسڻ مائي پٺاڻي وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته مون کي پوليس تي ڪو به اعتماد ناهي، پوليس منهنجي ٻچڙي جو خون لوڙهي ڇڏيندي تنهنڪري عدالت ۾ اميد آهي ته عدالت مونکي انصاف ڏياريندي، هن  ڪراچي جي صحافين کي پيغام ڏيندي چيو ته شهيد پٽ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وڌ کان ڪوشش ڪن، عدالتي جاچ ڪميشن جوڙي جاچ ڪئي وڃي ۽ پٽ جي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي، شهيد جي امڙ مطالبو ڪيو آهي ته شهيد پٽ قتل جي عدالتي جا لاءِ ڪميش جوڙي وڃي ۽ قاتلن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.