جماعت اسلامي پاران 2 جون تي ڪراچي ۾ غزا مارچ جو اعلان

لاهور ( م ڊ ) امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته مسلمان حڪمران آمريڪا جا ماتحت آهن ۽ اسرائيل جي مذمت نٿا  ڪري سگهن. لاهور مان جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ جماعت اسلامي جي اڳواڻ چيو ته 2 جون تي ڪراچي ۾ غزا مارچ ڪيو ويندو.هن چيو ته اسرائيل پاڻ کي عالمي قانونن جو پابند نٿو سمجهي. اسرائيل پنهنجن مقصدن کي حاصل ڪرڻ ۾ ناڪامي تي ٻارن کي قتل ڪري رهيو آهي.امير جماعت اسلامي چيو ته مسلمان حڪمران آمريڪا جا ماتحت آهن، هو اسرائيل جي مذمت نٿا ڪري سگهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.