ڌرڻن دوران استعيفيٰ لاءِ ڌمڪي ملي، ٽين قوت عمران جو سياسي بنياد رکيو\نواز شريف

لاهور (بيورورپورٽ) اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف هڪ ڀيرو وري مسلم ليگ ن جو صدر چونڊجي ويو، سندس چوڻ آهي ته ڌرڻي دوران کانئس استعيفي گهري وئي، نه ڏيڻ تي خراب سلوڪ ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي، ثاقب نثار ته مون کي هميشه لاءِ پارٽي صدارت تان هٽائڻ جو فيصلو ڏنو هو، ان کي گهرايو ته  ڏسي سندس فيصلي جو ڇا ٿيو، ڪارڪنن ثاقب نثار جو فيصلو ردي جي ٽوڪري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. مسلم ليگ ن جو صدر چونڊجڻ کانپوءِ پارٽي جي جنرل ڪائونسل اجلاس کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو مون کي ڪارڪنن ۽ شهباز شريف تي فخر آهي ته اهي گڏ بيٺا رهيا، مريم نواز کي به مبارڪباد ته ڏکئي وقت ۾ پارٽي کي متحرڪ رکيائين، جيل ۾ منهنجي اکين جي آڏو مريم نواز کي هٿڪڙيون لڳايون ويون، حمزا شهباز جيل ۽ سزا ڪاٽي به اُف نه ڪيائين. هن چيو ته بدقسمتي سان 1947 کان پير ڪڍڻ جو سلسلو جاري آهي، اسان کي مڃڻ گهرجي ته اسان پاڻ پنهنجي پيرن تي ڪهاڙو هنيو. چار پنج ماڻهن عوام جي مينڊيٽ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو، جشن ملهايو ته ثاقب نثار جو فيصلو ردي جي ٽوڪري ۾ ۽ مان توهان جي سامهون آهيان. مسلم ليگ ن جي صدر نواز شريف پي ٽي آءِ جي باني عمران خان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته پي ٽي آءِ باني کي ٻڌايو ته جنهن ٽين قوت جو اوهان ذڪر ڪيو ان اوهان جي سياسي بنياد نه ٺاهي. جنهن آڱر ڏانهن اشارو ڪري رهيو هو اها سلطنت هئي. جنرل ڪائونسل اجلاس کانپوءِ پنهنجي خطاب ۾ نواز شريف چيو ته جنرل ظهير الاسلام چيو ته ٽين قوت ڊيليور ڪري سگهي ٿي. عمران خان ٻڌايو ته ڇا ٽين قوت توهان ڏانهن اشارو نه ڪري رهي هئي؟ هن دعويٰ ڪئي ته ”جيڪڏهن پي ٽي آءِ جو باني چوي ته اها ٽين قوت نه هئي ته پوءِ سياست ڇڏي ڏيندس. هن چيو ته 2013ع ۾ هو پاڻ تحريڪ انصاف جي باني وٽ ويو ۽ کين گڏ هلڻ جو چيو. هن چيو ته روڊ ٺهرايو، اسان ٺاهيو پر ان کانپوءِ پي ٽي آءِ جو باني لنڊن ويو ۽ نواز شريف جي حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ اتي لنڊن پلان ٺاهيو. هن چيو ته ڌرڻي دوران مون کي استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ چيو ويو، ٻي صورت ۾ اهو اهڙو علاج هوندو جنهن لاءِ توهان تيار نه هوندا ۽ ياد ڪندا. مون چيو ته مون ڪڏهن به استعيفيٰ نه ڏني آهي. جيڪي وڻيو سو ڪريو.  نواز شريف چيو آهي ته ڪيترن ئي ماڻهن منهنجي ۽ شهباز شريف وچ ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر شهباز شريف نه جهڪيو نه ڊنو. پارٽي صدر چونڊجڻ کانپوءِ پنهنجي خطاب ۾ هن چيو ته شهباز شريف کي اها آڇ ڪئي وئي. توهان نواز شريف کي ڇڏي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀاليو، پر شهباز شريف اهڙي عهدي کي ٺوڪر هنئي  جيڪو پنهنجي ڀاءُ سان بي وفائي ڪري ملي. هن چيو ته اڄ وري شهباز شريف اها ذميواري منهنجي ڪلهن تي رکي آهي. شهباز شريف ڪڏهن به پنهنجي ڀاءُ سان وفا نه ڪئي ۽ جيڪا ذميواري کيس ڏني وئي اها پوري ڪئي. سندس چوڻ هو ته مريم نواز پارٽي کي فعال رکيو ۽ جيل به ڪاٽي ۽ هر امتحان پاس ڪيو آهي. مريم نواز کي منهنجي سامهون هٿڪڙيون هڻي جيل موڪليو ويو. نواز شريف چيو اسان 28 مئي وارا آهيون 9 مئي وارا ناهيون، اڄوڪي ڏينهن منهنجو ضمير خريدڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، مان چيو صدر ڪلنٽن اسان غيرت ۽ ضمير جو سودو ناهيون ڪندا، صدر ڪلنٽن چيو پاڪستان تي پابنديون لڳي وينديون، مان چيو لڳائي ڇڏيو، اسان ايٽمي ڌماڪا ڪري ڇڏيا، اهو وڏو فيصلو ڏهو، ڀارتي پارليامينٽ ۾ خبر ڏني وئي ته پاڪستان جواب ۾ ايٽمي ڌماڪا ڪري ڇڏيا، پاڪستان جي ايٽمي ڌماڪن کانپوءِ واجپائي آيو ۽ پاڪستان سان معاهدو ڪيو. ان کان اڳ اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف 6 سالن کانپوءِ ٻيهر پارٽي صدر بڻجي ويو. (ن) ليگ جي اڳوڻي صدر شهباز شريف جي استعيفيٰ کانپوءِ نئين صدر جي چونڊ لاءِ اليڪشن ٿي، جنهن ۾ پارٽي صدر جي عهدي لاءِ نواز شريف جا 8 نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا، چئني صوبن مان الڳ الڳ ڪاغذ نواز شريف پاران نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا. نواز شريف جي مقابلي ۾ ڪنهن به فارم نه ڀرايو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.