ميرپورخاص: وڪيل اعجاز شاهه قتل ڪيس ۾ پوليس اهلڪار گرفتار

ميرپورخاص(بيورورپورٽ) ميرپورخاص جي علائقي روينيو ڪالوني ۾ لڳ ڀڳ اڍائي مھينا اڳ قتل ٿي ويل وڪيل سيد اعجاز شاهه جي قتل  جي ڪيس جي جاچ سانگھڙ  پوليس حوالي ٿيڻ بعد قتل جي ڪيس جي جاچ ڪرڻ لاءِ ايس ايس پي سانگھڙ  اعجاز شيخ جي اڳواڻي ۾ جوڙيل ٽيم جاچ لاءِ ميرپورخاص پھتي، ٽيم ڪيس ۾ نامزد جوابدار اي ايس آءِ  مبينا سمون کان بيان ورتا، جنھن بعد ٽيم شڪ جي بنياد تي قتل جي الزام ھيٺ آيل مقتول جي زال ھجڻ جي دعويدار اي ايس آءِ مبينا سمون جي ڌيءَ  جي مڙس پوليس اھلڪار ذيشان کي گرفتار ڪري ساڻ کڻي وئي پوليس ذريعن موجب  قتل ٿي ويل وڪيل سيد اعجاز شاهه جي وارثن پاران قتل ڪيس ۾ نامزد ڪيل مبينا سمون ۽ ٻين جي موبائل فون ڊيٽا جي بنياد تي وڌيڪ جاچ لاءِ  پوليس اھلڪار ذيشان کي گرفتار ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.