ڪراچي جي ميئر پاران شهر جي 3 وڏين شاهراهن کي سولر انرجي تي منتقل ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي( رپورٽر ) شهري حڪومت 3 اهم شاهراهن کي سولر انرجي تي منتقل ڪرڻ جو پلان تيار ڪري ٽينڊر جاري ڪري ڇڏيا آهن. ڪي ايم سي ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان هڪ ارب رپين جي منصوبي لاءِ ٽينڊر جاري ڪري ڇڏيا آهن. ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته شارع  فيصل، مرين ڊرائيو روڊ کي سولر انرجي تي تبديل ڪيو ويندو، شاهراهه ايران/شاهه فردوس کي به سولر انرجي تي تبديل ڪيو ويندو. هن جو چوڻ آهي ته پائلٽ پروجيڪٽ کانپوءِ 103 وڌيڪ شاهراهن کي سولر سسٽم تي منتقل ڪيو ويندو ۽ بجلي جي بچت مان حاصل ٿيندڙ فنڊ مان ترقياتي ڪم ڪرايا ويندا. مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪي ايم سي جي هيڊ آفيس کي به سولر سسٽم تي منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

  1. پاڪ فوج وٽ ايٽمي اثاثا محفوظ آهن: ناصر شاهه

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي توانائي ۽ ترقي ۽ رٿابندي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻائڻ جو جيڪو خواب ڏٺو ان کي ميان نواز شريف پورو ڪيو ۽ پاڪستاني قوم شهيد ذوالفقار  علي ڀٽو ۽ ميان نواز شريف جو اهو ڪارنامو هميشه ياد رکندي.  هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ميان نواز شريف سميت سمورن هيروز کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، هن چيو ته  اڄوڪي ڏينهن تي پاڪستان مسلم دنيا جي پهرين ايٽمي طاقت بڻيو. اڄ اسان جو ملڪ پاڪستان ناقابل تسخير آهي،هن چيو ته پاڪستان جا ايٽمي اثاثا آهن محفوظ ۽ مضبوط هٿن ۾ آهن. هن چيو ته پاڪستان جي فوج ملڪ، قوم ۽ ايٽمي اثاثن جي دفاع جي ڀرپور صلاحيت ۽ طاقت رکي ٿي

  1. اشرافيھ طبقي ملڪ جو معاشي جنازو ڪڍي ڇڏيو:ڊاڪٽر صغير احمد

ڪراچي ( رپورٽر ) يومِ تڪبير واري ڏھاڙي تي ڊاڪٽر صغير احمد ، ايڊووڪيٽ سيد محمود حسين، حارث شبير راڻا ۽ ٻين ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ”پاڪستان نيشنل پارٽي پارليامينٽرين“ جو بنياد رکڻ جو اعلان ڪيو. هنن چيو تھ اڄوڪي يوم تڪبير  واري ڏينھن تي پاڪستان جھڙي عظيم ملڪ کي مستحڪم ڪندڙ عظيم شخصيتن شھيد ذوالفقار علي ڀٽو، ڊاڪٽر عبدالقدير خان ۽ ٻين جن بھ ايٽمي منصوبي کي پايھ تڪميل پھچائڻ وارين شخصيتن کي خراجِ عقيدت ۽ خراجِ تحسين پيش ڪندي نئين پارٽي جو اعلان ڪيون ٿا. ھنن چيو تھ نئين پارٽي جي اعلان جي نوبت ان ڪري پيش آئي، جو ملڪ جي 80 سيڪڙو غريب عوام جي نالي تي سياست ڪندڙ اشرافيھ نھ پنھنجين عياشين، رشوت، اقرباپروري سميت ٻين کوڙ سارين سماجي خرابيون پيدا ڪندي پنھنجي لاءِ قارون وارو خزانو جمع ڪري رھي آھي، سندن ڪاروبار ترقي ڪري رھيا آھن، جڏھن تھ سندن جي ماتحت ھلندڙ رياستي توڙي صنعتي ۽ پيداواري ادارا نقصان ۾ وڃي رھيا آھن، اھڙي طريقي سان اشرافيھ طبقي ملڪ جو معاشي جنازو ڪڍي ڇڏيو آھي

  1. موسمياتي تبديلين سبب گرمي ۾ واڌ ۽ موت جي شرح وڌڻ لڳي

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ )  موسمياتي تبديلين جي نتيجي ۾ موسم مسلسل گرم ٿي رهي آهي ۽ موت جي شرح پڻ وڌي رهي آهي. هاڻي ماهرن موسمياتي تبديليءَ جو هڪ ٻيو سنگين اثر دريافت ڪيو آهي.هڪ تحقيق مان معلوم ٿيو آهي ته موسمياتي تبديلي سڄي دنيا ۾ گرم موسم  جي مدت ۽ شدت کي وڌايو آهي. مطالعي دوران، سائنسدانن 1991 کان 2020 تائين ڊيٽا جي جاچ ڪرڻ کانپوءِ اهو طئي ڪيو ويو ته هر ملڪ کي سال ۾ ڪيترن گرم ڏينهن جو منهن ڏسڻو پيو، ايندڙ مرحلي ۾ هنن مئي 2023 کان 15 مئي 2024 تائين موسمياتي ڊيٽا جو تجزيو ڪيو ته اندازو لڳايو ويو ته هر سال گرم ڏينهن جو تعداد 1991 کان 2020 جي مقابلي ۾ ڪيترو وڌيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.