گهوٽڪي ضلعي ۾ بغاوت، هر طرف ڀوتار ماءِ فوٽ جي چاڪنگ

گهوٽڪي(ڊ ر) گهوٽڪي ۾ صحافي نصرالله گڏاڻي کي شهيد ڪرڻ بعد ان جا چيل لفظ ڀوتار مائي فوٽ جي چاڪنگ ڪرائي ڇڏي آهي. ضلعي گهوٽڪي جي ننڍن وڏن شهرن گهوٽڪي، سرحد، عادلپور، قادرپور، ميرپورماٿيلو، ڏهرڪي، اوٻاوڙو،۽ خانپور مهر سميت ٻين شهرن ۾ سردارن ۽ ڀوتارن کان عوام بيزاري ظاهر ڪندي ديوارن ۽ مک روڊ رستن تي ڀوتار مائي فوٽ جي چاڪنگ ڪرائي ڇڏي آهي،ان حوالي سان سڃاڻ ڌرين جي اڳواڻن جو چوڻ هو ته جيڪي ڀوتار سچ برداشت نه ڪري سگهن ته انهن خلاف بغاوت ڪرڻ جهاد آهي،هنن چيو ته صحافي نصرالله گڏاڻي کي به سچ لڳڻ جي سزا ڏئي ان کي بيدردي سان شهيد ڪيو ويو پر ڀوتارن يا ڪامورن ڪنهن به قسم جي قاتلن خلاف اثرائتي ڪاروائي ناهي ڪرائي،هنن چيو ته ڀوتار مائي فوڊٽ صرف گهوٽڪي ضلعو ته ڇا پر پوري سنڌ جو نعرو بڻجي چڪو آهي،ته ڀوتار مائي فوڊ هاڻي اهو وقت پري ناهي جڏهن سردارن يا ڀوتارن جو زوال شروع ٿيندو،سڃاڻ ڌرين جي اڳواڻن شهيد جي قاتلن کي فورن گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.