اسرائيل جو رفح ۾ بي گهر فلسطينين جي ڪئمپ تي حملو، 21 ڄڻا شهيد

غزا ( م ڊ ) رفح ۾ بي گهر فلسطينين جي ڪئمپ تي اسرائيل جو هڪ ٻيو حملو، 21 فلسطيني شهيد ٿي ويا، غزا جي ڏاکڻي علائقي رفح ۾  بي گهر ٿيل فلسطينين جي ڪئمپ تي اسرائيلي هوائي حملي ۾ 21 فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. عرب ميڊيا موجب، تازو حملو مغربي رفح جي علائقي المساوي ۾ ٿيو، جتي اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ بي گهر ٿيل فلسطينين جي ڪئمپ هئي.هي اهو ئي علائقو آهي جنهن کي اسرائيلي فوج محفوظ علائقو قرار ڏنو هو ۽ فلسطينين کي هن علائقي ڏانهن وڃڻ لاءِ چيو ويو هو. عرب ميڊيا موجب رفح ۾ اسپتال نه هجڻ سبب حملي ۾ مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي انٽرنيشنل ميڊيڪل ڪور جي فيلڊ اسپتال پهچايو ويو . هوڏانهن اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جرئتمنديءَ سان چيو آهي ته رفح ۾ اسرائيل جو موتمار ۽ خوفناڪ حملو افسوسناڪ غلطي جو نتيجو هو. عالمي خابرو اداري موجب اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو پارليامينٽ ۾ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته فوج معصوم شهرين کي نقصان پهچائڻ کانسواءِ فوجي آپريشن ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي پر ڪالهه بهترين ڪوششن باوجود رفح ۾ افسوسناڪ غلطي ڪئي وئي.وزير اعظم بينجمن نتن ياهو چيو آهي ته هڪ اسرائيلي هوائي حملو ڏکڻ غزا  جي شهر رفح ۾ افسوس ناڪ جو سبب بڻيو، جنهن ۾ بي گهر ٿيل فلسطينين جي ڪئمپ کي باهه لڳي وئي. نتن ياهو وڌيڪ چيو ته رفح ۾ باقي بچيل حماس بٽالين کي به تباهه ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته انهن گنجان آبادي واري مرڪزي اسرائيل تي ڪيترائي راڪيٽ حملا ڪيا، پر خوش قسمتي سان ڪو به جاني نقصان نه ٿيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.